158

وزيراعظم جو بنيادي مقصد سياست ۾ پئسي جي استعمال کي ختم ڪرڻ آهي: شبلي فراز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو بنيادي مقصد سياست ۾ پئسي جي استعمال کي ختم ڪرڻ آهي، ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪندڙ مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي پنهنجي 10 سالن جي اقتدار جي دور ۾ اليڪشن ۾ شفافيت لاءِ ڪو عملي قدم ناهي کنيو، وصيت جي صحيحن کي اهميت ڏيندڙن کي خبر هجڻ گهرجي ته ميثاق جمهوريت تي به بينظير ڀٽو جي صحيح هئي، پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام ان ڳالهه تي قائل ٿي چڪي آهي ته اليڪشن جو نظام شفاف هجڻ گهرجي، اسان جو قانوني بحث به اهو ئي آهي ته ڪنهن پارٽي يا الائنس پاران نامزد اميدوارن کي ئي سينيٽ جو ميمبر چونڊجڻ گهرجي. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته عمران خان هڪ اهڙو قائد آهي جيڪو ملڪ ۾ بنيادي سڌارن جي ذريعي جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي مضبوط بڻائي ان کي عوام جي خواهشن جو ترجمان بڻائڻ چاهي ٿو. جڏهن پارليامينٽ ۾ شفافيت سان ايم پي ايز جي ووٽن سان چونڊجي سينيٽر ايندا ته هو ملڪ ۽ صوبي جي مفاد ۾ ڪم ڪندا. اسان جو بنيادي مقصد ئي اهو آهي ته سينيٽ اليڪشن ۾ پارٽي جي چونڊيل اميدوارن کي ئي ووٽ ملن. ماضي ۾ سينيٽ اليڪشن لاءِ منڊيون لڳنديون هيون، هاڻي جڏهن سينيٽ اليڪشن ويجهو آهي ته چئني صوبن ۾ سينيٽ اليڪشن لاءِ منڊيون لڳي چڪيون آهن. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ هن وقت به قانوني بحث ۾ اسان جو موقف آهي ته مناسب نمائندگي کپي اها پارٽي جي صورت ۾ هجي يا الائنس جي صورت ۾ ان جو حصو تعداد جي موجب هجڻ گهرجي، جيڪو به فارمولو لڳائين اسان جي پارٽي جي خواهش ۽ مطالبو آهي ته ان نظام ۾ ڪو فرق نه پوي ته ڪير ڪنهن جو اميدوار آهي، ان جي خبر هجڻ گهرجي ته ڪنهن، ڪنهن کي ووٽ ڏنو، هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته پاڪستان جي عوام ان معاملي تي قائل ٿي چڪي آهي ته سينيٽ جي اليڪشن پئسن جي استعمال بدران پارٽي يا الائنس پاران چونڊيل اميدوار ڪامياب ٿين، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته بلاول ڀٽو گذريل ڏينهن چيو هو ته هو به ان طرف مائل ٿي رهيو آهي، سندس پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) ميثاق جمهوريت ۾ پهرين ئي اها ڳالهه ڪئي هئي ته سينيٽ اليڪشن کي شفافيت سان گڏ اوپن بيلٽ سان ڪرائين، هن چيو ته ڪجهه ماڻهو سينيٽ چيئرمين جي خلاف عدم اعتماد جي حوالي سان عوام کي ڪنفيوز ڪندا آهن ان جي وضاحت ڪجهه ائين آهي ته اڃان سينيٽ اليڪشن ٿي رهيون آهن، اسان سڀ ان تي بحث ۽ دليل ڏئي رهيا آهيون، عدم اعتماد هائوس جو داخلي معاملو هوندو آهي ان ۾ ڌار پاليسي ٿي سگهي ٿي، هائوس ۾ عدم اعتماد ۽ سينيٽ اليڪشن ۾ فرق آهي. اسان سينيٽ اليڪشن تي ڳالهه ڪري رهيا آهيون هو داخلي معاملي تي بحث ڪري رهيا آهن. هن چيو ته بنيادي مقصد ملڪ مان پئسي جي سياست کي ختم ڪرڻ آهي، وزيراعظم عمران خان ان سلسلي ۾ قدم کڻي رهيو آهي، هن چيو ته ميثاق جهوريت کانپوءِ ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي 10 سال حڪومتن ۾ رهيا پر اليڪشن اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو. جيتوڻيڪ هنن پاڻ ان تي اتفاق ڪيو هو، ائين ته وصيت تي صحيحن کي اسان اهميت ڏيون ٿا پر اهو به ڏسڻ گهرجي ته ميثاق جمهوريت تي به بينظير جي ئي صحيح هئي. هن چيو ته اسان اقتدار ۾ آهيون ان جي باوجود هڪ اهڙو ماحول آڻڻ چاهيون ٿا جنهن ۾ سدائين لاءِ پئسي جي سياست ختم ٿئي ان تبديلي کانسواءِ سينيٽ اليڪشن يا عام چونڊن ۾ اهليت جي بنياد تي ماڻهو نٿا اچي سگهن، هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اسان جي نيت ۽ ڪوشش آهي ته چونڊن کي شفاف بڻايو وڃي، پوري قوم ڏٺو آهي ته پي ٽي آءِ 2018ع اليڪشن کانپوءِ ضمير وڪرو ڪندڙ 20 اسيمبلي ميمبرن کي پارٽي مان ئي ڪڍي ڇڏيو، ڪا ٻي پارٽي يا اڳواڻ آهي جنهن پنهنجي پارٽي جي اندر اهڙو قدم کنيو هجي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ميٽر آف لا بحث هيٺ هوندو آهي هتي شهادتون رڪارڊ ناهن ٿينديون، هن چيو ته اصل مقصد کي ڇڏي ننڍن ننڍن معاملن طرف ويندا ته مقصد ڪڏهن به حاصل نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته 2013ع کان عمران خان چونڊ سڌارن جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، 2018ع کانپوءِ عملي قدمن کي وڌيڪ تيز ڪيو ويو آهي، سٺي ڪم کي پاڪستان جي عوام سپورٽ ڪري رهي آهي ۽ عوام ان معاملي ۾ اسان سان گڏ آهي. هن چيو ته اسلام آباد مان حفيظ شيخ سميت پي ٽي آءِ جا سمورا اميدوار ڪامياب ٿيندا، اسان وٽ ووٽن جي ڳڻپ مڪمل آهي، هن چيو ته ضمني اليڪشن ۾ ايندڙ نتيجن کي کلي دل سان تسليم ڪنداسين. هن چيو ته مخالف ڌر مسلسل حڪومت کان اين آر او گهري رهي آهي، عمران خان کين ڪنهن به صورت ۾ اين آر او نه ڏيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو