30

وزيراعظم جو سڀاڻي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو اعلان، ناڪام ٿيس ته مخالف ڌر ۾ ويهندس،اليڪشن ڪميشن جمهوريت کي نقصان ڏنو:عمران خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم عمران خان سڀاڻي قومي اسيمبليءَ مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو اعلان ڪندي سينيٽ جي چونڊن ۾ پيسو هلڻ جو الزام هڻي ان جو ذميوار اليڪشن ڪميشن ئي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. رات ٽي وي تي قوم کي خطاب ڪندي عمران خان وڌيڪ چيو ته 40 ورهين کان سينيٽ جي چونڊن ۾ پيسو هلي رهيو آهي،  هيءَ ڪهڙي جمهوريت آهي جنهن ۾ ليڊر شپ پيسي جي ذريعي  ئي سينيٽ ۾ اچي ٿي. هي ڪهڙي جمهوريت آهي جو ماڻهو ووٽ خريد ڪري سينيٽر ٿين،  اسان جي اميدوار حفيظ شيخ کي هارائڻ جي لاءِ هنن اسان جي ميمبرن کي خريد ڪيو. يوسف رضا گيلاني جو پٽ ميمبرن جو ضمير خريد ڪندو رهيو.  اسان کي خبر آهي ته جيڪي ماڻهو وڪرو ٿيا آهن اهي ڪهڙا آهن.  اسان اڳ به  پيسا وٺندڙ پنهنجي 20 ميمبرن کي ڪڍي ڇڏيو هو. يوسف رضا گيلاني پيسا ڏئي سينيٽر ٿيو آهي ته اهو وري ڪيئن ڪرپشن کي ختم ڪندو. حفيظ شيخ کي هارائي هي اهو ڏيکارڻ گهرن ٿا ته انهن جي اڪثريت آهي. وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ جو موقعو ڏنو،  اليڪشن ڪميشن جمهوريت کي نقصان پهچايو، سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيو هو ۽ اليڪشن ڪميشن ئي کليل ووٽ جي مخالفت ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ جڏهن اليڪشن ڪميشن کي موقعو ڏنو هو ته پوءِ ڪهڙو ڪارڻ هو جو 1500 ووٽ به ڇپجي نه ٿي سگهيا؟ ڇا 1500 ووٽن تي بار ڪوڊنگ نه پئي ٿي سگهي؟ هنن کي ته اهو به پتو نه آهي ته سينيٽ جي چونڊن ۾ ڪيترو پيسو هليو آهي. اليڪشن ڪميشن پيسن واري وڊيو جي جانچ ڇو نه ڪئي؟ اليڪشن ڪميشن ووٽ وڪڻندڙن کي بچائي ورتو. عمران خان  وڌيڪ چيو ته آئون سڀاڻي (ڇنڇر تي ) قومي اسيمبليءَ مان اعتماد جو ووٽ وٺندس، اعتماد جو ووٽ آئون پاڻ پنهنجي مرضيءَ سان وٺي رهيو آهيان،  اهوو ووٽ هٿ مٿي کڻائي ورتو ويندو. اسيمبلي جا ميمبر پنهنجي ضمير موجب ووٽ ڏين، جيڪڏهن اهي سمجهن ٿا ته مون کي وزيراعظم نه رهڻ گهرجي ته پوءِ منهنجي خلاف ئي ووٽ ڏئي ڇڏين. آئون ناڪام ٿي ويس ته مخالف ڌر ۾ ويهندس ۽ ميمبرن جي راءِ جو پورو احترام ڪندس. ميمبرن کي مون تي ڀروسو نه آهي ته پوءِ آئون مخالف ڌر ۾ ئي ويهندس. منهنجو الله تي ايمان آهي ته اهو مون کي سٺو وقت پڻ ڏيکاريندو. جيڪڏهن آئون اقتدار مان نڪري ويس ته آئون ڪرپٽ ماڻهن جي خلاف عوام کي ٻاهر آڻي ڏيکاريندس. وزيراعظم  وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي پڻ اهو مڃي چڪيون آهن ته سينيٽ ۾ پيسو هلي ٿو. انهن ئي پارٽين پهرين چيو هو ته سينيٽ جي چونڊ کليل ووٽ سان ٿيڻ گهرجي.  جڏهن اسين اقتدار ۾ آياسين ته هنن کي اهو ڊپ وٺ ويو ته هاڻي ڪرپشن جا ڪيس اڳتي وڌندا. هنن پهرئين ڏينهن کان ئي مون کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هنن کي سينيٽ جي چونڊ ۾ پيسو ئي هلائڻو هو تڏهن ئي انهن کليل ووٽ جي مخالفت ڪئي. هنن جو خيال هو ته هو مون تي بي اعتمادي جي تلوار لڙڪائيندا ۽ آئون دٻاءُ ۾ اچي کين اين آر ڏئي ڇڏيندس. هنن سمجهيو هو ته کين اين آر او ملي ويندو پر اهو ممڪن ئي نه آهي.  عمران خان وڌيڪ چيو ته جڏهن ملڪ جو وزيراعظم ۽ ناڻي وارو وزير چوري ڪندو ته پوءِ ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. هنن جو اقتدار ۾ اچڻ جو هڪ ئي مقصد رڳو پيسو گڏ ڪرڻ ئي هوندو آهي، هي جڏهن اقتدار ۾ ايندا آهن ته هنن جون فيڪتريون لڳڻ شروع ٿينديون آهن. عوام کي ٻڌائڻ گهران ٿو ته وڏا وڏا ڏوهاري ڪن ڇا پيا. هن چيو ته ڇا آئين چوري ڪرڻ جي اجازت ڏي ٿو؟. آئون به چاهيان ته هڪ رٿا جي ڊيل ڪري 30 ارب روپيا ڪمائي سگهان ٿو. اسان جي ماضي جي تاريخ بهترين هئي ۽ پوءِ پيسو هلڻ شروع ٿي ويو، جڏهن ڏوهه ڪندڙ کي جهليو نه ويندو آهي ته تماج ظلم ڏانهن وڌندو آهي. پاڪستان ان وقت ئي هڪ سڄو ملڪ ٿيندو جڏهن وڏن وڏن ڌاڙيلن کي جيلن ۾ وڌو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو