48

وزيراعظم جي صلاحڪار بابر اعواڻ ن ليگ تي پابندي جو اشارو ڏئي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ ن ليگ تي پابندي جو اشارو ڏنو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ بابر اعواڻ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مريم نواز پاران حڪومت ڪيرائڻ واري ڳالهه غير آئيني آهي. بابر اعواڻ جو چوڻ هو ته غير آئيني طريقي سان حڪومت ڪيرائڻ جي ڳالهه معمولي ناهي، اها ڳالهه سندس پارٽي تي پابندي لڳائڻ تائين وڃي سگهي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو