ڪراچي: اسلامي ادب تي به سيشن ڪيو ويو، جنهن ۾ حنيف اسعدي، عزيز احسن، حفيظ تائب، عابد رشيد، اعجاز رحماني، شڪيل خان، ساحر لکنوي، سيد جاويد حسن، ظفر علي خان، دائود عثماني، احمد رضا خان بريلوي ۽ محمد سھيل شفيق خيالن جو اظھار ڪيو. صدف تبسم مظفر وارثي تي ڳالھائيندي چيو ته ھتي ويٺل ڪوبه اھڙو ماڻھو ناھي جيڪو جيڪو حمد نظام ھستي بابت نه ڄاڻيندو ھجي. ھن سيشن ۾ شڪيل خان اعجاز رحماني تي گفتگو ڪندي چيو ته اعجاز رحماني جي نعتيه حمديه شاعري کي اھو مقام ملي نه سگھيو جيڪو ملڻ گھرجي ھا ان جو ڪارڻ سياسي وابستگي ٿي سگھي ٿو. ظفر علي خان جي شاعري کي خراج عقيدت پيش ڪندي دائود عثماني چيو ته ظفر علي خان صرف شاعر ئي نه پر وڏو اديب ۽ ترجمي نگار ھئو. محمد سھيل شفيق احمد رضا بريلوي جي شاعري تي ڳالھائيندي چيو ته احمد رضا شاعري قرآن کان سکي ۽ نعتيه شاعري ۾ شريعت کي اھميت ڏني. عابد رشيد حفيظ تائب تي ڳالھائيندي چيو ته ھن حضور صه جي شان ۾ ھميشه شڪرانو ادا ڪيو ھميشه نرم لھجو اختيار ڪيو. جاويد حسن ساحر لکنوي جي قصيدا گوئي تي ڳالھائيندي چيو ته ميان ساحر قصيدا گوئي ۾ نمايان مقام حاصل ڪيو آھي ، سيشن جي آخر ۾ عزيز احسن حنيف اسعدي تي ڳالھائيندي چيو ته سندس شاعري ۾ سادن لفظن جو استعمال ۽ نغمگي ھڪ ئي وقت آھن حنيف اسعدي ادب شناس نعت گو ھيو پنھنجي ڪلام وسيلي سوشل ميڊيا تي اڄ به زنده آھي. |