مسجد نبوي صه ۾ کِنوڻ جا دل ڌوڏيندڙ تجلا
رياض(ويب ڊيسڪ)مسجد الحرام ۾ ڪلاڪ ٽاور تي وِڄَ ڪرڻ جي حيران ڪندڙ واقعي کانپوءِ هاڻي مسجد نبوي صه ۾ به پانڌيئڙن کي اهڙا ئي منظر ڏسڻ ۾ مليا آهن.سوشل ميڊيا تي مسجد نبوي صه جون ڪجهه تصويرون ۽ وڊيو وائرل ٿيون آهن جن ۾ آسمان جي بجلي کي ڪيمرا جي اک ۾ قيد ڪيو ويو آهي.اهڙي خوفناڪ منظر جي تصويرن ۽ وڊيو کي انتظاميا پنهنجي اڪائونٽ تي به شيئر ڪيو آهي.