48

وزيراعظم عمران خان جي پنجاب جي وڏي وزير کي اسيمبلي ميمبرن جا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار کي اسيمبلي ميمبرن جا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. رپورٽن مطابق سينيٽ چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ وزيراعظم عمران خان به متحرڪ ٿي ويو آهي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم سان قومي اسيمبلي  ميمبرن نور عالم خان، عظميٰ رياض، ضل هما، نفيسه خٽڪ، شاندانه گلزار، ڊاڪٽر حيدر علي، گل داد خان، گل ظفر خان، جواد حسين، محمد اقبال آفريدي ۽ سجاد خان ملاقاتون ڪيون آهن. ان موقعي تي بچاءَ وارو وزير پرويز خٽڪ،  خصوصي صلاحڪار ملڪ محمد عامر ڊوگر ۽ وفاقي وزير پير نور الحق قادري به موجود هئا. ملاقاتن دوران اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي پنهنجي تڪ جي مسئلن بابت آگاهه ڪيو. ان کانپوءِ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار ۽ گورنر چوڌري سرور به وزيراعظم سان مليا، جنهن دوران پنجاب جي سياسي صورتحال ۽ سينيٽ چونڊن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار کي اسيمبلي ميمبرن جا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو