29

وزيراعظم سدائين چئلينجن کي قبول ڪيو، چونڊن جي شفافيت تي مخالف ڌر جو ٻٽو معيار آهي: شبلي فراز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سدائين چئلينجن کي قبول ڪيو، (ن) ليگ تڪ اين اي 75 جي 20 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر اليڪشن جي درخواست ڪئي، ري پولنگ جو فيصلو اليڪشن ڪميشن ڪندو جيڪو اسان کي قبول هوندو، پي ٽي آءِ اها پارٽي آهي جنهن اليڪٽرانڪ ووٽنگ جي تجويز ڏني، اليڪشن جي شفافيت تي مخالف ڌر جو ٻٽو معيار ڇو آهي. اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪڏهن ڪنهن دٻاءُ ۾ نه آيو، هن سدائين چئلينج قبول ڪيا آهن، وزيراعظم مسلم ليگ (ن) جو ڊسڪه جي 20 پولنگ اسٽيشنن ۾ ري پولنگ جو چئلينج به قبول ڪيو آهي، انشاءُ الله انهن کي وري شڪست کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) سدائين ڌانڌلي جي بنياد تي ملڪ ۾ سياست جي خريد ۽ وڪري جي روايت قائم ڪئي ۽ اڄ ڪاوڙيل آهي ڇو ته هو ان کي پنهنجو پئداشي حق سمجهندي آهي ته جيڪا اليڪشن هو کٽي اها ٺيڪ ۽ جيڪا هارائي اها غلط آهي. هن چيو ته اليڪشن جي شفافيت جي باري ۾ سندس ٻٽو معيار ڇو آهي. سينيٽ اليڪشن ۾ اوپن بيلٽنگ جي اهي مخالفت ڇو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ واحد پارٽي آهي جنهن اليڪٽرانڪ ووٽنگ جي تجويز ڏني. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ ان جي اتحادين سدائين خريد ۽ وڪرو ڪيو، اها انهن جي سڃاڻپ آهي، هنن ڪا اليڪشن مهذب طريقي سان ناهي وڙهي. وفاقي وزير چيو ته انهن ماڻهن سدائين اهڙيون روايتون قائم ڪيون جنهن تان اهي ٿورو به هٽي وڃن ته کين پنهنجي حيثيت جو پتو پئجي ويندو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ سدائين سموريون شيون شفاف طريقي سان انجام ڏنيون پر انهن ماڻهن سدائين ڪوڙ تي ٻڌل ڳالهه ڪئي، هنن ماضي ۾ به ڪيلبري فونٽ جي ذريعي ڪوڙ ڳالهايو ته لنڊن ته ڇا پاڪستان ۾ به سندس ملڪيت نه آهي. سينيٽر شبلي فراز چيو ته انهن جي پوري سياست دوکي ۽ جعل سازي تي ٻڌل آهي. هن چيو ته رانا ثناءُ الله ۽ جاويد لطيف کي امن خراب ڪرڻ جو تجربو آهي، ڊسڪه جي ضمني چونڊ ۾ اهي ماڻهو اتي موجود هئا. هنن پوري چونڊ عمل کي تباهه ڪيو، 2 زندگيون ضايع ٿي ويون، ڊسڪه ۾ فوت ٿيندڙن جي پوئينرن جو مطالبو آهي ته انهن کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته قوم انهن جي دوکي ۾ نه اچي، جهڙي قسم جي اهي سياست ڪر رهيا آهن اها ڪرپشن سان ڀريل آهي. هن چيو ته پنجاب ۾ انهن جو ووٽ بئنڪ هيٺ ۽ اسان جو ووٽ بئنڪ مٿي وڃي رهيو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ري پولنگ جي حوالي سان فيصلو اليڪشن ڪميشن ڪندو ان جو فيصلو اسان کي قبول هوندو. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مخالف ڌر جو وڪيل سپريم ڪورٽ ۾ سينيٽ اليڪشن جي اوپن بيلٽنگ جي مخالفت ڪري رهيو آهي، اليڪشن جي شفافيت تي مخالف ڌر جو ٻٽو معيار ڇو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو