اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان دعويٰ ڪئي آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ اڪثريت سان ڪامياب ٿينداسين. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم وزيرن کي چيو ته اهي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن سان رابطن ۾ رهن، چاهيون ٿا ته هن چونڊن ۾ پئسو نه هلي. وزيراعظم چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ ٽڪيٽون ميرٽ تي ڏنيون، ڪارڪنن جو احترام ڪريون ٿا. هن چيو ته اوپن بيلٽ جي مخالفت ڪندڙ اليڪشن کانپوءِ روئيندا، اوپن بيلٽ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جا منتظر آهيون، سپريم ڪورٽ جيڪو حڪم ڪندي ان جو احترام ڪنداسين.
