اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان 2020ع کان 2025ع لاءِ ٽيڪسٽائيل پاليسي جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزارت واپار ٽيڪسٽائيل ڊويزن عملدارن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان ٽيڪسٽائيل پاليسي منظوري لاءِ اقتصادي رابطا ڪميٽي ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، ٽيڪسٽائيل پاليسي منظوري لاءِ ايندڙ هفتي اي سي سي کي اماڻي ويندي. دستاويزي پاليسي ۾ 2025ع تائين ٽيڪسٽائيل برآمدات 20 ارب 80 ڪروڙ ڊالر تائين کڻي وڃڻ، بجلي ۽ گئس جا ٽيرف گهٽائڻ، ٽيڪسٽائيل سيڪٽر جي مشينري لاءِ لانگ ٽرم فنانسنگ وڌائڻ ۽ نئين منڊين تائين رسائي سميت هيومن ريسورس ڊولپمينٽ تي فوڪس ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.
