34

وزيراعظم عمران خان پاران ڪراچي ۾ شوڪت خانم ميموريل ٽرسٽ جي اڏاوت شروع ٿيڻ تي خوشي جو اظهار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ شوڪت خانم ميموريل ٽرسٽ جي تعمير شروع ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اها ڪينسر جي اسپتال ملڪ جو سڀ کان وڏو شفا جو مرڪز هوندي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ڪراچي ۾ شوڪت خانم ميموريل ٽرسٽ جي منصوبي تي جاري تعميراتي ڪم جون تصويرون شيئر ڪيون ۽ چيو ته اهو ڏسي منهنجي دل ان عظيم احساس سان سرشار آهي ته اها ڪينسر اسپتال پاڪستان جو سڀ کان وڏو شفر جو مرڪز هوندي جيڪا طب ۽ علاج جي جديد ترين ساز ۽ سامان سان آراسته هوندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو