238

وزيراعظم عمران خان پنهنجي بيساکين تي بيٺل اقتدار کي لڏندي ڏسي هوش وڃائي چڪو آهي: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪجهه به ڪري پر پيپلز پارٽيءَ جو يوم تاسيس جو ملتان ۾ پي ڊي ايم جو جلسو هر صورت ۾ ٿيندو، وزيراعظم عمران خان پنهنجي بيساکين تي بيٺل اقتدار کي لڏندي ڏسي هوش وڃائي چڪو آهي، وزيراعظم عمران خان جي اقتدار جي ٻيڙي ٻڏي رهي آهي ۽ ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي وڌيڪ سهارو ڏئي نه ٿو هلائي سگهجي، وزيراعظم کي مشورو ٿو ڏيان ته هو فوري طور تي اقتدار ڇڏي ڏي ۽ ملڪ ۾ وقت کان اڳ نيون شفاف چونڊون ڪرايون وڃن نه ته عمران خان جو حشر به آمر پرويز مشرف جهڙو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي ملتان روانگي کان اڳ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ملتان جلسي ۾ شرڪت لاءِ مون سميت پيپلز پارٽي جا سڄي سنڌ مان قافلا ملتان ڏانهن روانا ٿي چڪا آهن ڪنهن ۾ همٿ آهي ته اسان کي روڪي ڏيکاري. هن چيو ته جيالا مارشلائن کان نه ڊنا ۽ هاڻي به هر قسم جون رڪاوٽون پار ڪري ملتان جلسي گاهه ۾ پهچندا. هن چيو ته سليڪٽيڊ وزيراعظم هاڻي عوام ۾ رجيڪٽيڊ ٿي چڪو آهي ان لاءِ عوام جو ردعمل ڏسي بوکلائجي ملتان جلسي ۾ عوام جي شرڪت کي روڪڻ لاءِ آمريت جي ياد تازه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم اِهو ٻڌائي ته جيڪڏهن کيس اپوزيشن جي جلسن مان خوف نه آهي ته پوءِ عوام جي جلسي ۾ شرڪت روڪڻ لاءِ غير جمهوري هٿڪنڊا ڇو استعمال ڪيا پيا وڃن؟ وفاقي حڪومت پاران اپوزيشن جا جلسا روڪڻ لاءِ پوليس جو استعمال اِهو ثابت ڪري رهيو آهي ته جلسن ۾ لکين عوام جي شرڪت وزيراعظم جون ننڊون اڏائي ڇڏيون آهن. هن چيو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي جي قافلن کي ملتان جلسي گاهه ۾ شرڪت کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ هر هنڌ جلسو ۽ ڌرڻو ٿيندو ۽ گو عمران گو ٿيندو. نثار کهڙي چيو ته جلسا ڪرڻ هر جماعت جو جمهوري حق آهي، وفاقي حڪومت غير جمهوري طريقا استعمال ڪري اِهو حق اسان کان نه ٿي کسي سگهي. هن چيو ته وزيراعظم صاحب توهان کي عوام جي ردعمل ۽ طاقت جو اندازو ٿي ويو هوندو ان لاءِ عوام هاڻي توهان کي اين آر او ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، هاڻي توهان کي گهر وڃڻو پوندو، سڄي ملڪ جي عوام جي اپوزيشن جي جلسن ۾ شرڪت پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت خلاف ووٽ آهي. نثار کهڙي چيو ته وفاقي وزيرن کي جلسا ڪرڻ جي ته اجازت آهي پر اپوزيشن کي جلسن جي جمهوري حق کان پري رکڻ وفاقي حڪومت جو اِهو ٻٽو معيار آهي. هن چيو ته 1967ع ۾ پارٽيءَ جو جنهن ڏينهن بنياد وڌو ويو ته ان ڏينهن ايوبي آمريت پڻ ڏاڍ جو مظاهرو ڪيو ۽ اڄ پي ٽي آءِ جي سرڪار ملتان ۾ ايوبي آمريت جي ان تاريخ کي ورجائي رهي آهي پر ڪارڪن آمريت جو انهي طريقي سان مقابلو ڪرڻ جي همٿ رکن ٿا. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو