اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت معاشي ترقي ۾ ميري ٽائيم سيڪٽر جي اهميت جي ڪري ان جي فروغ لاءِ ڪوشان آهي، حڪومت طرفان 2020ع تي بليو اڪانومي جو سال قرار ڏيڻ بحري معيشت جي ترقي لاءِ حڪومتي قدمن جو ثبوت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيول هيڊڪوارٽر اسلام آباد جي دوري جي موقعي تي ڪيو. نيول هيڊڪوارٽرز اچڻ تي پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي وزيراعظم جو استقبال ڪيو ۽ پاڪ بحريه جي دستي وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. وزيراعظم عمران خان نيول هيڊڪوارٽرز ۾ يادگار شهداءِ تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ پرنسپل اسٽاف آفيسرز سان تعارف ڪرايو ويو، ان موقعي تي وزيراعظم کي علائقائي ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي صورتحال، چئلينجز ۽ ميري ٽائيم سيڪٽر جي ترقي لاءِ پاڪ بحريه جي قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم ملڪي بحري سرحدن جي دفاع، گوادر بندرگاهه سميت سي پيڪ کي سيڪيورٽي جي فراهمي ۽ علائقائي امن لاءِ پاڪ بحريه جي ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت پاڪ بحريه کي وسيلا فراهم ڪندي رهندي. حڪومت معاشي ترقي ۾ ميري ٽائيم سيڪٽر جي اهميت جي ڪري ان جي فروغ لاءِ ڪوشان آهي، هن چيو ته حڪومت پاران 2020ع کي بليو اڪانومي جو سال قرار ڏيڻ بحري معيشت جي ترقي لاءِ حڪومتي قدمن جو مظهر آهي. امير البحر پاڪ بحريه جي صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته پاڪ بحريه الله تعاليٰ جي مدد سان ملڪي سامونڊي سرحدن ۽ بحري مفادن جي تحفظ لاءِ هر وقت تيار آهي، ان موقعي تي وفاقي وزير پرويز خٽڪ، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، سيد علي حيدر زيدي، خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ سينئر آفيسر به موجود هئا.
