187

وزيراعظم پاران ٽيڪس ۽ اوڳاڙي ۾57 سيڪڙو واڌ تي ايف بي آر جي ساراهه

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان هلندڙ سال اپريل ۾ ٽيڪس ۽ اوڳاڙي ۾ 57 سيڪڙو اضافي تي ايف بي آر جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال 384 ارب رپين جون اوڳاڙيون گڏ ڪيون ويون جڏهن ته گذريل سال اپريل ۾ 240 ارب رپين جي ٽيڪس اوڳاڙي ٿي هئي. هن چيو ته جولاءِ 2020ع کان اپريل 2021ع تائين 3780 ارب رپين جون اوڳاڙيون ٿيون آهن جيڪي گذريل سال جي انهي عرصي جي مقابلي ۾ 14 سيڪڙو وڌيڪ آهن. وزيراعظم چيو ته رڪارڊ ٽيڪس اوڳاڙي مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان جي پاليسين سان معيشت جي وسيع البنياد بحالي ۾ مدد ملي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو