99

وزيراعظم کي رڳو جوبائيڊن جي فون جو فڪر آهي: شاهد خاقان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين جي خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي بغير ڪارروائي جي 28 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته وزيراعظم کي رڳو جوبائيڊن جي فون جو فڪر آهي، هن وقت وڏو مسئلو نيب چيئرمين جي ملازمت مدي ۾ واڌ جو آهي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته انهيءَ چيئرمين کي استعمال ڪري اپوزيشن کي ڌمڪايو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مدي ۾ واڌ آرڊيننس ذريعي ڪئي وئي ته ان کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندس.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو