اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو احتساب ۽ گهرو معاملن بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شهزاد اڪبر چيو ته منهنجي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي، پاڻ کي گهر ۾ قرنطينا ڪري ڇڏيو آهي.
