اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت بجلي هڪ رپيو 95 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، بجلي جي اگهن ۾ واڌ لاءِ نيپرا سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وفاقي وزير عمر ايوب ۽ اسد عمر گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته حڪومت رڳو 23 سيڪڙو بجلي مهانگي ڪئي آهي، ماضي جي حڪومتن عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪوبه ڪم نه ڪيو آهي، هاڻوڪي حڪومت بجلي جي مد ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ سبسڊي ڏيندي.
