193

وفاقي حڪومت شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت مذاق قرار ڏئي ڇڏيو، چئلنج ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته شهباز شريف کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيڻ قانون سان مذاق آهي. پنهنجي هڪ ٽويٽ ۾ فواد چوڌري چيو ته اربين روپين جي مني لانڊرنگ ۾ ملوث شهباز شريف کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيڻ قانون سان مذاق آهي،  ايترو جلدي ته پنچايت به فيصلو نه ڏيندي آهي، اهڙي طرح سان هن جو ڀڄي وڃڻ بدقسمتي ٿيندي، ان کان اڳ هو نواز شريف جي واپسي جي گارنٽي ڏئي چڪو آهي، سوال اِهو آهي ته شهباز شريف جي گارنٽي ڪهڙي آهي؟ فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته فيصلي جي خلاف سمورا قانوني رستا اختيار ڪنداسين، اسان جي عدل واري نظام جي ڪمزورين جي وزير اعظم ڪيترائي ڀيرا نشاندهي ڪئي پر مخالف ڌر سڌارن تي تيار نه آهي ۽ ان جو وڏو سبب اِهو آهي ته هن نظام سان هن جا مفاد سلهاڙيل آهن. ٻي پاسي پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪاه ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شهباز شريف بابت فيصلي تي پنهنجي حڪمت عملي ٺاهينداسين ته مافياز جو مقابلو ڪيئن ڪرڻو آهي. هن وڌيڪ چيو ته شهابز شريف کي پاڪستان ۾ گرمي ستائي رهي هئي، هن جي دل محلن ۾ وڃڻ لاءِ پئي ڦٿڪي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو