162

وفاقي حڪومت ٻيٽ کيسن ۾نه کڻي ويندي (اسدعمر) صوبائي حڪومت جا اعتراض ختم ڪبا: گورنر

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سنڌ جي زمين تان قبضو ڇڏرائڻ وفاق جي ذميواري ڪيئن ٿي وئي؟ وفاقي حڪومت ٻيٽ کيسن ۾ وجهي نه کڻي ويندي. ڪراچي ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو وڌيڪ چيو  ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي لاءِ 700 ارب جا منصوبا رکيا آهن ته خرچ ڪري. گرين لائين لائين رٿا سيپٽمبر 2021 کان اڳ مڪمل ٿي ويندي. ڪراچي کي اڄ تائين ماڊرن ٽرانسپورٽ جو نظام نه ملي سگهيو آهي ۽ گرين لائين ڪراچي لاءِ سنگ ميل ٿيندي، ايندڙ سال جي وچ ڌاري گرين لائين هلندي نظر ايندي. سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل پاڻ ان رٿا کي مانيٽر ڪندو آهي. وزيراعظم عمران خان ڪراچي جي رٿائن جو جائزو وٺندو ان کان پوءِ ڪراچي جي عوام ۽ ميڊيا کي آگاهه ڪيو ويندو ته هيل تائين ڪيتري اڳڀرائي ٿي آهي، انشاءَ الله ڪراچي جي عوام سان جيڪو واعدو ڪيو ويو آهي اهو بروقت مڪمل ڪيو ويندو. ڪراچي ۾ وفاق جي ذمي 5 رٿائون آهن جن ۾ ڪي فور، 2 ريلويز جا پراجيڪٽ ،ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ فريٽ ڪوريڊور جيڪا پورٽ  کان پپري تائين ويندي. وفاقي وزير اسد عمر چيو ته پنجون منصوبو نالان جي صفائي ۽ پوءِ ان اتي ڪم ٿيڻو آهي ته جئين ان مسئلي جو مستقل بنياد تي حل ڪڍيو وڃي. هن چيو ته نالن تي ڪم کان پهرين سنڌ حڪومت کي حددخليون ختم ڪرڻيون آهن ۽ ماڻهن لاءِ متبادل انتظام ڪرڻو آهي. اسد عمر حددخلين جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت جي زمين تي قبضو ٿيو آهي ته قبضو ختم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ذميداري آهي. سنڌ جي زمين تان قبضو ڇڏرائڻ وفاق جي ذميواري ڪيئن ٿي وئي؟ ٻيٽن بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته ان حوالي سان سنڌ حڪومت سان ڳالهيون هلي رهيون آهن. جيڪا به ترقي ٿيندي سنڌ لاءِ ٿيندي، هتي ماڻهن کي روزگار ملندو ۽ ان مان روينيو حاصل ٿيندو.  ان موقعي تي سنڌ جي گورنر چيو ته ٻيٽ گيم چينجر ٿيندا، ٻيٽن بابت 50 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيڻي آهي، ٻيٽن جي ترقي سان مهاڻن کي پڻ فائدو ٿيندو. اها سنڌ جي خوشحاليءَ جي رٿا آهي. ٻيٽن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو ته ٻيٽ سنڌ لاءِ گيم چينجر ٿيندا ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ روينيو سنڌ حڪومت کي ملندو. هن چيو ته هي ٻيٽ سريلنڪا جي ٻيٽ جي ڀيٽ ۾ گهڻو وڏو ٻيٽ آهي اتي 14 بلين ڊالر جي سيڙپ ٿي آهي. سريلنڪا جو ٻيٽ ان جو 10 سيڪڙو به نه آهي. سنڌ جي گورنر چيو ته اسين اميد ڪريون ٿا ته هتي 50 بلين ڊالر جي سيڙپ ٿيندي، ڏيڍ لک کان وڌيڪ ماڻهن کي روزگار جا موقعا ملندا. هن چيو ته اها هر حال ۾ سنڌ لاءِ خوشخبري آهي. سنڌ جي گورنر چيو ته هن وقت سنڌ حڪومت جا جيڪي اعتراض آهن انهن کي اسين گڏجي ويهي ختم ڪنداسين. اهي ٻيٽ سنڌ جي معاشي صورتحال لاءِ گهڻو اهم ثابت ٿيندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو