اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي خاص صلاحڪار شهزاد اڪبر جو چوڻ آهي ته 36 ن ليگي اڳواڻن کان 24 ارب رپين جون زمينون واپس ورتيون ويون آهن. هن چيو ته ملڪي سياست ۾ لاڙها چاڙها ايندا رهندا آهن، سياست ۾ ماڻهو نظرياتي طور ايندا آهن پر 80ع واري ڏهاڪي ۾ سياستدانن بدران هڪ اهڙي گروهه سياست ۾ قدم رکيو جن نظرياتي ماڻهن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو، نواز شريف جو ڪوبه سياسي نظريو ناهي، ان جو نظريو رڳو پئسا آهن، ان ڇانگا مانگا جي سياست ۽ پئسن جي سياست کي هٿي ڏني، سياست ۾ هن خريد ۽ وڪري جو سلسلو جاري رکيو. هن چيو ته نواز شريف حڪومتي وسيلن جي ڦرلٽ ڪندو رهيو جيڪو هڪ مافيا جو ڪم هوندو آهي، سپريم ڪورٽ ان لاءِ مافيا وارو لفظ استعمال ڪيو. هن چيو ته 36 ن ليگي اڳواڻن کان 24 ارب رپين جون زمينون واپس ورتيون ويون آهن، فرنٽ مينز جي نالي تي ٿيل 80 ڪنال سرڪاري زمين واپس ورتي وئي، لاهور ۾ سرڪاري زمين تان کوکر ڀائرن جو قبضو ختم ڪرايو ويو، دانيال عزيز جي قبضي مان اڍائي ارب ۽ خرم دستگير جي قبضي مان 9 ڪروڙ رپين جي ماليت واري سرڪاري زمين ڇڏرائي وئي، جڏهن ته نواز ليگ اڳواڻ چوڌري تنوير تي هڪ ارب رپين تائين سرڪاري زمينن تي قبضا ڪرائڻ جو الزام آهي. شهزاد اڪبر چيو ته مخالف ڌر سياسي انتقام جي واويلا ڪري رهي آهي، پي ڊي ايم جا وڏڙا اين آر او چاهين ٿا.
