اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پيٽروليم واري بحران بابت ڪابينا ڪميٽي جي رپورٽ تي پيٽروليم ڊويزن، اوگرا اختيارين، بورڊ آفيسرن ۽ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين خلاف فوجداري ڪارروائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.جڏهن ته نيب جي ٻن اڳوڻن چيئرمينن خلاف جانچ ۽ سوئس ڪيسن جي ٻيهر کولڻ جو پڻ فيصلو ڪري ورتو آهي،. ان سلسلي ۾ ذريعن موجب حڪومت آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) کي بحران پيدا ڪرڻ ۾ ملوث ڪمپنين خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا ڪميٽي جي رپورٽ منظور ڪئي وئي آهي ۽ پيٽروليم ڊويزن ۾ مانيٽرنگ سيل قائم ڪرڻ جي هدايت به ڪئي وئي آهي. حڪومت طرفان ايڊوائزري ڪميٽي جي ڊيٽا تي دارومدار ختم ڪرڻ ۽ نئين ٽيسٽنگ ليب قائم ڪرڻ جي هدايت به ڪئي وئي آهي.آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي عبوري لائسنس جاري ڪرڻ تي به ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب غير قانوني جوائنٽ وينچر ۽ غير قانوني نجي اسٽوريج قائم ڪرڻ تي به ڪارروائي ٿيندي ۽ بحري جهازن جي برٿنگ ۾ دير ڪندڙن کي به سزا ڀوڳڻي پوندي.ٻي پاسي وفاقي حڪومت سوئس ڪيسن جي ٻيهر جانچ ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب وفاقي ڪابينا نيب جي ٻن اڳوڻن چيئرمين ۽ آفيسرن خلاف وفاقي جانچ اداري (ايف آءِ اي) جانچ شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته 2011 کان 2017 دوران نيب جي چيئرمين ۽ ذميوار آفيسرن خلاف جانچ جي منظوري ڏني وئي آهي. ذريعن موجب نيب جو 2011 کان 2017 جو دور اونداهو ترين قرار ڏنو ويو آهي، نيب آفيسرن عدالت کي گمراهه ڪندي سوئس ڪيس بند ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب آفيسرن جي ڪردار سبب اصل رڪارڊ موجود هجڻ باوجود سوئس ڪيس بند ڪرايا ويا، جڏهن ته سوئس ڪيسن بابت نيب وٽ اصل رڪارڊ موجود هو.
