24

وفاقي ڪابينا پاران صحافين جي تحفظ ۽ جبري گمشدگي بابت بلن جي منظوري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا صحافين جي تحفظ ۽ جبري گمشدگي بابت بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته ٻئي بل قومي اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾منظوري لاءِ پيش ڪيا ويندا، تحريڪ انصاف جيڪو واعدو ڪيو،اهو پورو ڪيو آهي،وفاقي ڪابينا سلڪيوليشن سمري ذريعي ٻنهي بلن جي منظوري ڏني آهي، ٻنهي بلن جي حمايت ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورائتا آهيون،صحافين جي تحفظ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا ويندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو