اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزيرن چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اپوزيشن هڪ ئي زبان ڳالهائين پيا،ايندڙ چونڊون سڌارن جي بنياد تي ٿينديون،وزير اعظم چونڊ سڌارا چاهي ٿو، اپوزيشن ٻاراڻي ڪري پئي،شيطان به ڌرڻو هڻي ته مريم نواز گڏ بيهندي،اسلام آباد اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير شبلي فراز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي رويي تي خدشا آهن، حڪومتي سڌارن جي مخالفت ڪري پيو،تڪرارن کان پاڻ کي الڳ نٿو ڪري ته استعيفيٰ ڏئي سياست ۾ اچي،هن چيو ته 2011 کان لڳاتار اهي ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته چونڊن کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جو استعمال ضروري آهي، پر ان خلاف مهم هلائي پئي وڃي، هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت ڄاڻي واڻي اعتراض واريو پيو وڃي، اليڪشن ڪميشن جا 73 اعتراضن مان 10 ان مشين بابت آهن، اليڪشن ڪمشنر رپورٽ ۾ نقطا ڪڍيا، وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته چاهيون ٿا ته ايندڙ چونڊون هر صورت ۾ غير جانبدار ٿين، ايندڙ 2023 جون چونڊون سڌارن جي بنياد تي ٿينديون ان کانسواءِ اسان وٽ ٻيو ڪو به رستو ناهي بچيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير شبلي فراز وزير عمران خان چونڊ سڌارا چاهي ٿو، عدالتي فيصلن ۾ چيو ويو ته ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ ۾ ڪو به حرج ناهي، اليڪشن ڪميشن غيرسرڪاري طور تي 37 اعتراضن جي لسٽ ڏني، الڪيشن ڪميشن جا اعتراض ان جي ڪارڪردگي خلاف چارج شيٽ هئا، حڪومت شفاف چونڊن جي لاءِ سنجيده ڪوششون ڪيون، هن چيو ته جيڪا اپوزيشن ٻولي ڳالهائي رهي آهي، اهائي چيف اليڪشن ڪمشنر استعمال ڪري پيو،هو اڳيان جي لاءِ سوچي اليڪشن ڪمشن جاٻيا ميمبر سندس فيصلن تي نظر ثاني ڪن،اسان سياسي جماعتن کي به مشين ڏيکاري هئي، بدقسمتي سان اليڪشن ڪميشن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت تعاون نه ڪيو،جيڪو ڪرڻ گهربو هو،
