175

سڳيون ۽ ڀرپاسي ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، ڪيترائي دڪان ۽ گهر پٽ، فصل به تباهه

سڳيون ۽ ڀرپاسي ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، ڪيترائي دڪان ۽ گهر پٽ، فصل به تباهه

سڳيون (ن سوڀ) سڳيون ۽ ڀرپاسي ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، ڪيترائي دڪان ۽ گهر پٽ، فصل به تباهه، ان سلسلي ۾ برسات سبب ”سوڀ“ رپورٽر گلاب علي سيال جا 2 دڪان ڪري پيا،ڳوٺ وريام خان سيال ۾ 4 ڄڻن جا گهر پٽ ٿي ويا، جن ۾ ماجد، امتياز علي، محبوب ۽ ذوالفقار سيال جي گهرن، دڪانن ۽ اوطاق جا ڪوٽ ڪري پيا آهن، هوڏانهن هيٺانهان علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، رسول بخش هيسباڻي، علي نواز شاهه ۽ ٻين ڳوٺن ڏانهن ڏيندڙ روڊن تي پاڻي جا تلاءَ هجڻ سبب رهواسين کي اچ وڃ ۾ تڪليفون پيش اچي رهيون آهن، جڏهن ته علائقي واسين جا سوين ايڪڙن تي بيٺل مختلف فصل به پاڻي هيٺ اچي ويا، ڪروڙين رپين جو نقصان، انتظاميا غائب ٿي وئي آهي. متاثرن مطالبو ڪيو آهي ته پاڻي نيڪال ڪرائي گهٽ ۾ گهٽ رستا ته بحال ڪرايا وڃن ۽ نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.    

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو