لاڙڪاڻو/ ڏوڪري/ سيهڙ (نمائندا) ڏوڪري ڀرسان ويهڙ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، پوليس پاران ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ، تفصيل موجب ڏوڪري تعلقي جي ڪچي واري علائقي سيھڙ ويجهو ويهڙ پوليس ۽ ڏوھه جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ هڪ ڏوهاري نادر علي پٽ عبدالرحمان لاشاري مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي 4 ڏوهاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، هوڏانهن ويهڙ ٿاڻي جي پوليس ميڊيا کي ٻڌيو ته اطلاع تي رات جو دير سان 3 وڳي ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي پير موسو وٽ 5 ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو جنهن ۾ پوليس جي فائرنگ ۾ مختلف ڏوهن ۾ گهربل جوابدار نادر لاشاري مارجي ويو ۽ سندس 4 ساٿي ڏوهاري فرار ٿي ويا آهن، پوليس دعويٰ ڪئي آھي ته ڏوهاري وٽان ڪلاشنڪوف ۽ گوليون پڻ هٿ آيون آھن. مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهاري ضلعي جيڪب آباد جي تعلقي ڳڙهي خيرو جي ڳوٺ رسول بخش لاشاري جو رهواسي آهي.پوليس چيو ته مارجي ويل ڏوهاري جو لاش ڏوڪري اسپتال کڻائي اچڻ بعد پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش سندس ڀيڻ شهناز لاشاري حوالي ڪيو ويو، جيڪا لاش ضلعي جيڪب آباد جي تعلقي ڳڙهي خيرو جي ڳوٺ رسول بخش لاشاري کڻائي وئي.
