33

ويڪسين لڳرائيندڙن کي شاپنگ مالز وڃڻ جي اجازت هوندي، سعودي عرب جي واپار واري وزارت

جده (ويب ڊيسڪ) سعوي  عرب جي واپار واري وزارت جي ترجمان عبدالرحمن الحسين چيو آهي ته توڪلنا ايپ تي ويڪسينيشن جو اسٽيٽس رکندڙ ماڻهو ئي مارڪيٽ ۾ داخل ٿي سگهندا، رپورٽ مطابق  واپار واري وزارت پهرين آگسٽ کان ڪورونا ويڪسين لڳرائيندڙ  ماڻهن کي مارڪيٽ ۽ شاپنگ مالز وڃڻ جي اجازت ڏني آهي، ان کان اڄ وزارت چيو هو ته 1 آگسٽ 2021 کان هر اهو ماڻهو  جنهن ڪورونا کان بچاءِ جي ويڪسين نه لڳرائي آهي  اهي سرڪاري ،خانگي ادارن سميت شاپنگ مالز،ريسٽورنٽ، ڪيفٽريا ۽ ٻين واپاري ادارن ۾ داخل نه ٿي سگهندا. ان حوالي سان واپار واري وزارت سمورن سرڪاري ۽ خانگي ادارن کي آگاه ڪيو آهي ته اهي قانون تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو