208

کاهي جي ناري گلشانه جي قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي، قاتل ڀاءُ پوليس وٽ پيش، ڏوهه باسي ورتو

کپرو (ن سوڀ) کپرو ويجهو کاهي ٿاڻي جي حد ڳوٺ در محمد شر ڀاءُ پاران ڪارنهن جي تهمت هڻي بندوق جو فائر ڪري قتل ڪيل 22 ورهين جي عورت گلشانه

 ڌي محب شر جي قتل ڪيس ۾ نامزد ست جوابدارن مان هڪ جوابدار تاج محمد شر ذريعن موجب هڪ بااثر شخصيت جي معرفت رات دير سان کاهي پوليس وٽ پيش ڪيو ويو، جنهن قتل جو اعتراف ڪندي چيو ته مون کي برادري جي ڪجهه ماڻهن مهڻن جي ڪري مون پنهنجي ڀيڻ کي قتل ڪيو آهي، واقعي تي شرمندگي آهي، اسان جو گهر تباه ٿي ويو، آئون ڪجهه ماڻهن جي ڳالهين ۾ اچي ويس هاڻي منهنجو منهنجي ماءُ پيءُ جو ڇا ٿيندو، اهو مون کي خبر ناهي، ٻي پاسي کاهي پوليس پيش ٿيل جوابدار بعد ڪيس ۾ نامزد ٻيا جوابدار گرفتار ڪرڻ لا ڪا به سرگرمي نه پئي ڏيکاري، مقتولا جي والد محب شر چيو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي، منهنجي پٽ کي معروف، جمن، درمحمد، گل بيگ، يعقوب ۽ يوسف ڀڙڪائي منهنجي بيگناه نياڻي کي قتل ڪرايو، قتل ڪيس داخل هجڻ پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ سنجيده نظر نه پئي اچي، مقتولا جي والده موجب در محمد معروف ۽ ٻين کان اسان جي حياتين کي خطرو آهي، ان ڪري ڪيس ۾ نامزد سمورا جوابدار گرفتار ڪيا وڃن اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو