173

وڃائجي ويل جبل چاڙهو ۽ ڪي ٽو جو ڊيٿ زون…

ليکڪ: منزا انوار

اوهان ايوريسٽ فلم جو اهو منظر ته ڏٺو هوندو جنهن ۾ نيوزي لينڊ جي گائيڊ ۽ ڪوهه پيما اينڊي هيرس جي دماغ ۾ اوچتو اهڙا خيال اچڻ لڳن ٿا، جو هو پنهنجا ڪپڙا لاهي اڇلائي ڇڏي ٿو ۽ موت کي ڀاڪر پائي وٺي ٿو، اڄ کان 6 سال اڳ مون کي سمجهه نه آئي هئي ته اينڊي اهڙو ڪم ڇو ڪيو؟ تڏهن مون کي اها به خبر نه هئي ته هيرس (هائيپوڪسيا) جو شڪار هو ۽ ايتري اوچائي تي آڪسيجن جي کوٽ انساني دماغ ۽ جسم تي ڪهڙا اثر وجهي ٿي، ڪي ٽو جتي بلند چوٽين کي تسخير ڪندڙ جبل چاڙهن جي دلين ۾ ايڊوينچر يا مهم جوئي جا جذبا جاڳائي ٿي، اتي هيءَ چوٽي دنيا جي سڀ کان وڏي چوٽي ايوريسٽ کان به وڌيڪ خوفناڪ سمجهي وڃي ٿي، ان چوٽي کي سر ڪرڻ جي جستجو ڪندڙ هر چئن مان هڪ جبل چاڙهو جو موت واقع ٿي وڃي ٿو، ڪي ٽو تي موتن جي شرح 29 سيڪڙو آهي، جڏهن ته ان جي ابتڙ دنيا جي سڀ کان وڏي چوٽي ايوريسٽ تي اها شرح 4 سيڪڙو آهي، دنيا جي ان ٻي وڏي پهاڙ ڪي ٽو کي سردين ۾ فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ پاڪستاني جبل چاڙهو محمد علي سدپاره سميت 3 جبل چاڙهن جو رابطو جمعي جي ڏينهن کان بيس ڪئمپ ٽيم ۽ ڪٽنب سان ختم ٿيو ۽ ڇنڇر جي رات تائين ٻن ڏينهن جي ڳولها ۽ بچاءَ جي آپريشن ۾ ڪاميابي نه ملڻ کانپوءِ محمد علي سدپاره جي پٽ ساجد سدپاره چيو آهي ته هاڻ ان ڪارروائي کي سندس پيءُ جي لاش جي ڳولا جي آپريشن ۾ تبديل ڪري جاري رکڻ گهرجي. ان سرچ آپريشن ريسڪيو آپريشن جي شروعات کان ئي پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا کان وٺي جبل چڙهڻ سان تعلق ۽ دلچسپي رکندڙ ايستائين جو عام فردن تائين سڀ اهو سوال ڪن ٿا ته 8 هزار ميٽر جي بلندي تي انتهائي سرد موسم ۾ انهن 3 جبل چاڙهن جي زندهه رهڻ جو ڪيترو امڪان باقي آهي؟

ڊيٿ زون ڇا آهي؟ ان لاءِ سڀ کان پهريان اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته ڊيٿ زون ڇا آهي؟ ۽ ان جبل چاڙهو ڊيٿ زون ۾ ڪيترن ڪلاڪن تائين زندهه رهي سگهن ٿا؟ ۽ ايتري اوچائي تي رهڻ سان انساني دماغ ۽ جسم تي ڪهڙا اثر پون ٿا؟ طبي ماهرن مطابق انساني جسم سمنڊ جي سطح کان 2100 ميٽرن تائين جي بلندي تي رهڻ لاءِ ٺهيو آهي ۽ ان کان وڏي بلندي تي انساني جسم ۾ آڪسيجن جي سچوريشن تيزي سان گهٽ ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿي ۽ جسم ۾ منفي اثر ظاهر ٿيڻ شروع ٿين ٿا، ايڪشن گائيڊ هاءِ ايلٽيٽيوڊ ايڪليماٽائيزيشن ايندڙ ايلنس جي مصنف رڪ مارٽن مطابق اهڙن وڏن جبلن تي وڃڻ کان اڳ جبل چاڙهو ڪيترن ئي هفتن تائين ايڪليماٽائيزيشن يعني جسم کي ماحول سان هم آهنگ ڪرڻ جو عمل ڪندا آهن ته جيئن سندن دماغ آڪسيجن جي سپلاءِ مطابق آهستي آهستي ماحول جي حساب سان ڪم ڪرڻ لڳي، جبل چڙهندڙ ماهرن مطابق ڪي ٽو تي عام طور ڪئمپ ون (6 هزار ميٽرن جي بلندي) کانپوءِ جبل چاڙهو خطرناڪ زون ۾ داخل ٿي ويندا آهن ۽ انهن ۾ آڪسيجن جي کوٽ جا منفي اثر به ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن، محقق سواپنيل پار الڪر جيڪو انڊيا جي رياست گجرات جي ايم اي آر ايس ميڊيڪل ڪاليج سان لاڳاپيل آهي، هن ان حوالي سان انتهائي جامع تحقيق ڪئي آهي. پنهنجي تحقيقي مقالي ۾ هو لکي ٿو ته ڪيترائي جبل چاڙهو هاءِ ايلٽيٽيوٽ پلمونر ئي انيڊما (هيپ) يا هاءِ ايلٽيٽيوٽ سيريبل انيڊما (هيس) جو شڪار ٿي وڃن ٿا جيڪو گهڻو ڪري موت جو سبب ٿئي ٿو، هائپوڪسيا (آڪسيجن جي کوٽ) سان نبض تيز ٿي ويندي آهي، رت ڳاڙهو ٿي ڄمڻ لڳندو آهي ۽ فالج جو خطرو وڌي ويندو آهي، گهڻي خراب حالت ۾ جبل چاڙهو جي ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجي ويندو آهي ۽ اهي هاءِ ايلٽيٽيوٽ سيريبل انيڊما جو شڪار ٿي سگهن ٿا، کين رت سان يا ان کانسواءِ کنگهه اچڻ لڳي ٿي ۽ انهن جي تنفس جو نظام انتهائي خراب طرح متاثر ٿئي ٿو، اهڙي حالت ۾ گهڻن جبل چاڙهن جو دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏئي ٿو ۽ انهن ۾ سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت ختم ٿي وڃي ٿي، کين عجيب قسم جا جذباتي خيال اچن ٿا ۽ اهي پوءِ اهو ئي ڪن ٿا جيڪو ايوريسٽ فلم ۾ اينڊي هيرس ڪيو هو. سمنڊ جي سطح کان 8611 ميٽرن جي بلندي تي واقع ڪي ٽو جو (بوٽل نيڪ) جي نالي سان مشهور هنڌ گهٽ ۾ گهٽ 8000 ميٽرن کان شروع ٿئي ٿو ۽ جبل چاڙهن جي اصطلاح ۾ ان کي ”ڊيٿ زون“ يا موت جي پهاڙي چيو وڃي ٿو، اتي بقاءَ جي چئلينجن ۾ نمايان واڌ ٿئي ٿي، هتي جبل چاڙهن کي جان وٺندڙ قدرتي موسم کي منهن ڏيڻ سان گڏوگڏ پنهنجي جسم جي اندر به هڪ ويڙهه وڙهڻي پوندي آهي، ڊيٿ زون ۾ جتي هڪ غلط قدم جو مطلب سڌو هزارين فوٽ گهري کاهي يا گليشيئر ۾ ڪري موت کي ڀاڪر پائڻ جي برابر آهي اتي ان بلندي تي آڪسيجن جي وڌيڪ گهٽتائي سان سنگين اثر پڻ ظاهر ٿين ٿا ۽ انساني دماغ جو جسم تي ڪنٽرول ختم ٿي وڃي ٿو ۽ جسم مفلوج ٿي وڃي ٿو. ڊيٿ زون ۾ انسانن کي ساهه کڻڻ لاءِ گهربل آڪسيجن جي کوٽ سان جتي آلٽيٽيوٽ سڪنيس (بلندي تي لاحق ٿيندڙ بيماري) جا امڪان وڌي وڃن ٿا، اتي ايتري بلنديءَ تي تيز هوائون به جبل چاڙهن لاءِ جان وٺندڙ ثابت ٿين ٿيون، هتي انتهائي گهٽ گرمي پد به جسم جي ڪنهن به حصي ۾ فراسٽ بائيٽ جو سبب بڻجي سگهي ٿو، ايتري بلندي تي انساني جسم کي پيش ايندڙ طبي مسئلن جي حوالي سان ڪيل تحقيق جي مصنف پروفيسر هربرٽ اين هلٽگرين مطابق هيستائين چڙهندڙ جبل چاڙهو سيريبرل اينڊيما، ريٽنا هيمرج، سخت مٿي ۾ سور، اٽلي، بدنظمي، هيلوسينيشن يا نظر جي دوکي وغيره جهڙين طبي حالتن ۾ وٺجي سگهن ٿا. ڊيٿ زون ۾ غلطي جي ڪا به گنجائش نه هوندي آهي ۽ هتي اوهان مخصوص وقت کان وڌيڪ گذاري به نٿا سگهو ۽ هتي ننڊ يا گهڻي دير ترسڻ جو مطلب موت آهي، ان لاءِ ڪئمپ فور ۾ پهچندڙ جبل چارهو سمهندا نه آهن، بس ڪجهه دير ساهي پٽڻ بعد چٽي تي پهچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن  ۽ تقريبن 16 کان 18 ڪلاڪن جي وقت ۾ چوٽي سر ڪري ڊيٿ زون کان نڪرڻ جا ڪوشش ڪندا آهن، ته جبل چاڙهو ڊيٿ زون ۾ وڌ کان وڌ ڪيترن  ڪلاڪن تائين زندهه رهي سگهن ٿا؟ واري سوال جو سڌو جواب آهي 16 کان 20 ڪلاڪ، جبل چاڙهن کي خاص هدايت ڪئي ويندي آهي ته اهي ڊيٿ زون ۾ ان کان وڌيڪ وقت هرگز نه گذارين. جيتوڻيڪ 48 ڪلاڪن کان وڌيڪ ڪنهن به جبل چاڙهو جي 8 هزار ميٽر بلندي تي زندهه رهڻ جا امڪان انتهائي گهٽ هوندا آهن پر ڊيٿ زون ۾ سڀ کان وڌيڪ وقت گذارڻ جو رڪارڊ نيپال جي پيمبا گلجئين شرپا وٽ آهي، جيڪو 2008ع ۾ ٻه جبل چاڙهن کي بچائڻ لاءِ 90 ڪلاڪن تائين ڪي ٽو جي ڊيٿ زون ۾ رهيو، جڏهن کانئس پڇيو ويو ته هو ٻه جبل چاڙهن کي بچائڻ لاءِ ڇو ڊيٿ زون ۾ واپس ويو ۽ ڇو 8 هزار ميٽرن کان وڌيڪ بلندي تي هن موت جي پهاڙي ۾ 90 ڪلاڪن جو وقت گذاريو ته هن جو جواب هو ته ”آئون ڪي ٽو تي خوش قسمت هئس، اوهان ڄاڻو ٿا آئون خوش قسمت هئس“.

(بي بي سي جي ٿورن سان)

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو