169

وڌندڙ آبادي ۽ لڏ پلاڻ جي ڪري زرعي زمين ۽ باغ ختم ٿيڻ جو خدشو آهي: تحقيق

ٽنڊوڄام(ن سوڀ ) حيدرآباد ضلعي ۾ ملڪ جي ٻين شهرن کان وڌيڪ تيزي سان زرخيز زمينن تي آباديون ٺهي رهيون آهن، گذريل ڏهن سالن ۾ هزارين ايڪڙ زرخيز زمين رهائشي آبادين ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، وڌندڙ آبادي ۽ لڏ پلاڻ جي ڪري زرعي زمين ۽ باغ ختم ٿيڻ جو خدشو آهي، ان ڪري ماهر ۽ سرڪاري ادارا زرخيز زرعي زمينن کي بچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ شعبي ايگريڪلچر ايڪنامڪس جي پي ايڇ ڊي اسڪالر مولا بخش پيرزادو، پنهنجي ڪيل تحقيق ۾ ٻڌايو آهي ته حيدرآباد ملڪ ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي وارو شهر بڻجي ويو آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي زرخيز زرعي زمينون رهائشي ڪالونين ۾ منتقل ٿي رهيون آهن، جنهن سان زراعت کي ڪاپاري ڌڪ رسي رهيو آهي، ان ڪري محقق ۽ وس وارن کي ان حوالي سان پنهنجون سفارشون تيار ڪرڻ گهرجن، تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته زرعي زمينن کي آبادين يا رهائشي اسڪيمن ۾ منتقل ڪرڻ جي حوالي سان جامع پاليسي جوڙڻ گهرجي ته جيئن گهٽ کان گهٽ زرعي زمين استعمال ٿي سگهي،سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته ملڪ ۾ آبادي جي شرح تيزي سان وڌي رهي آهي، زرعي ۽ زرخيز زمينن تي رهائشي آبادين ۾ شديد اضافو اچي رهيو آهي، باغ ۽ ٻيلي گهٽجڻ سان ماحولياتي گدلاڻ ۽ خوراڪ ۾ کوٽ اچڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، محقق زعري ززخيز زمينون بچائڻ، في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ ۽ نئين جنسن تي تحقيقي ڪم جو دائرو وڌائين هن چيو ته مولا بخش پيرزادي اهم موضوع تي تحقيق ڪئي آهي،  اميد آهي ته هن تحقيق مان نئين آئيڊياز ذريعي زرعي زمين ۽ خوارڪ جي تحفظ جي حوالي سان مدد ملندي، ان موقعي تي مختلف فيڪلٽين جا ڊين، استاد، شاگرد، رجسٽرار غلام محي الدين قريشي، پي ايڇ ڊي سپروائزر ڊاڪٽر حبيب مگسي، ڊاڪٽرتهمينه مڱڻ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو