280

وڌندڙ سياسي تڪرار….

ايڊيٽوريل

ملڪ اندر ڪورونا جي ٻي لهر ۾ لاڳيتو واڌ سان گڏ سياسي تڪرار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پنجاب جو قديمي شهر ملتان گذريل ڪجهه ڏينهن کان جنگ جو ميدان بڻيل آهي، مخالف ڌر جي اتحاد پي ڊي ايم طرفان اڄ ملتان ۾ سڏايل جلسي جي معاملي تي حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڇڪتاڻ عروج تي پهتل آهي، پي ڊي ايم جو اهو جلسو  30 نومبر تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي يومِ تاسيس جي موقعي تي ٿي رهيو آهي.پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سميت اهم اڳواڻ هڪ ڏينهن اڳ ئي ملتان پهچي ويا آهن، جلسي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي بدران سندس نمائندگي سندس ڀيڻ آصفه ڀٽو  ڪندي. ن ليگ مان مريم نواز ۽ ٻيا اڳواڻ شرڪت ڪندا. جلسي جي اجازت نه ملڻ سبب ٻن ڏينهن کان ملتان ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي. حڪومتي پابنديون ٽوڙي جلسو گاهه سجائڻ تي پوليس ڀرپور طاقت جو استعمال پڻ ڪيو، جنهن ڪري گذريل ڏينهن کان وٺي قاسم باغ اسٽيڊيم لاڳيتو جنگ جو ميدان بڻيل آهي، حڪومت طرفان اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي چئن پٽن سميت پ پ ڪارڪنن جي وڏي انگ مٿان ڪيس داخل ڪري ورتا آهن، جڏهن ته علي قاسم گيلاني سميت ڪيترائي ڪارڪن گرفتار پڻ ڪيا ويا آهن، ملتان جي ڪمشنر جو چوڻ  آهي ته اسٽيڊيم جا تالا ٽوڙڻ تي پوليس پي ڊي ايم جي 70 ڪارڪنن ۽ 300 نامعلوم ماڻهن تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، پوليس جلسي لاءِ سامان فراهم ڪندڙ ڪيٽرنگ وارن خلاف به ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪيترائي گدام سيل ڪري ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا آهن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حڪومتي پابندين ۽ گرفتارين جي مذمت ڪندي واضح طور تي اعلان ڪيو آهي ته اڄ جلسو هر حال ۾ ٿيندو، هن چيو آهي ته ڪورونا سبب هو جلسي ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو پر سندس ڀيڻ آصفه ڀٽو سندس نمائندگي ڪندي.

وڌندڙ سياسي ڇڪتاڻ سبب آچر ڏينهن ملتان ۾ پي ڊي ايم جي هنگامي گڏجاڻي مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ ٿي جنهن ۾ جلسي واري معاملي تي پيدا ٿيل صورتحال بابت غور ڪيو ويو. گڏجاڻي کان پوءِ پيپلز پارٽي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني سان گڏجي صحافين سان ڳالهائيندي جي يو آءِ (ف) جي امير ۽ پي ڊي ايم جي صدر مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪارڪن سموريون رڪاوٽون ٽوڙي ملتان پهچن، پوليس روڪڻ لاءِ  ڏنڊا هڻي ته ڪارڪنن کي به موٽ ۾ ڏنڊا استعمال ڪرڻ جي اجازت آهي،سمورين پارٽين کي چوڻ چاهيان ٿو ته رڪاوٽون ٽوڙي جلسي ۾ اچن. جي يو آءِ جا ڪارڪن قاسم باغ اسٽيڊيم جو ڪنٽرول سنڀالين، حڪومت جنگ شروع ڪري ڇڏي آهي، اسان به مقابلي لاءِ تيار آهيون.  حڪومت پڻ پنهنجي موقف تي قائم آهي، سندن چوڻ آهي ته جلسو ڪنهن به صورت ۾ ڪرڻ نه ڏنو ويندو، وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽر تي مخالف ڌر تي سخت تنقيد ڪندي  چيو آهي ته اسان کي ڪورونا وائرس دوران هڪ اهڙي مخالف ڌر سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جيڪا ڪڏهن جمهوري جدوجهد جو حصو رهي ئي نه آهي، وزيراعظم وڌيڪ چيو آهي ته هو جلسا ڪري دٻاءَ وجهي اين آر او وٺڻ چاهين ٿا پر کين اهو ڪڏهن به نه ملندو. مخالف ڌر ڪورونا دوران اڳ ۾ به مک شهرن ۾ وڏا جلسا ڪري چڪي آهي پر ملتان ۾ ان کي سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ٻئي ڌريون پنهنجي پنهنجي موقف تان هڪ انچ به هٽڻ لاءِ تيار نه آهن، تنهن ڪري سياسي ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ اضافي جو خدشو آهي، جيڪڏهن سياسي ڇڪتاڻ ائين ئي جاري رهي ته پوءِ هي بحران ماضي جيان وڌيڪ گهرو ٿي ويندو، اميد ڪريون ٿا ته حڪومت ۽ سياسي ڌريون وڌندڙ ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ ضرور قدم کڻنديون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو