9

وڏي وزير وفاقي حڪومت آڏو لوڊشيڊنگ جو معاملو اٿاري ڇڏيو، وفاق پاران مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير وفاقي حڪومت آڏو بجلي جي لوڊشيڊنگ جو معاملو اٿاري ڇڏيو، وفاق طرفان مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ وڏي وزير سنڌ صوبي جي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ وارو معاملو اٿاريندي چيو ته ٻهراڙي وارن علائقن جا 2 ڳنڀير مسئلا آهن. هن چيو ته هڪ پاسي ڏينهن ۾ 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ بجلي بند ڪئي پئي وڃي ته ٻئي پاسي عوام کي وڌيڪ بل جاري ڪيا پيا وڃن. هن وفاقي وزير کان مطالبو ڪيو ته اهي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ حيسڪو ۽ سيپڪو عملدارن کي ضروري هدايتون جاري ڪيون وڃن. وفاقي وزير سنڌ جي وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته ٻنهي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو، پهرئين مرحلي ۾ لوڊشيڊنگ جو مدو گهٽايو ويندو ۽ ٻئي مرحلي ۾ ان کي مڪمل طور تي ختم ڪيو ويندو پر ان ۾ ڪجهه وقت لڳندو. خرم دستگير اهو پڻ چيو ته هو حيسڪو ۽ سيپڪو عملدارن سان ڳالهائيندو ته جيئن درست ميٽر ريڊنگ مطابق بجلي جا بل جاري ڪيا وڃن. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھھ ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ وارو معاملو پڻ وفاقي وزير آڏو اٿاريو. وفاقي وزير وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ته هو ڪي اليڪٽرڪ جي انتظاميا سان اجلاس ڪري رهيو آهي ۽ کين سندن خدمتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ضروري هدايتون جاري ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو