16

وڏي وزير پاران ڪراچي سيف سٽي منصوبي لاءِ 30 ارب رپين جي منظوري، 12 مهينن ۾ ڪم مڪمل ٿيندو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي سيف سٽي منصوبي لاءِ 30 ارب رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، لڳايون وينديون. خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب وڏي وزير مراد علي ساهه کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو آهي ته منصوبي جي ٽن مرحلن ۾ 10 هزار سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳايون وينديون، ايندڙ مالي سال هر مرحلو 12 مهينن ۾ مڪمل ٿيندو، پهرين مرحلي ۾ شهر جي سمورن ايندڙ ويندڙ رستن ۽ ضلعي ڏکڻ ۾ 9.9 ارب رپين جي خرچ سان ڪئميرائون لڳنديون، ٻئي مرحلي ۾ 9.8 ارب جي خرچن سان ٽن ضلعن ۾ ڪئميرائون لڳنديون، جڏهن ته انهن ضلعن جي چونڊ بعد ۾ ٿيندي، ٽين ۽ آخري مرحلي ۾ 9.7 ارب رپين جي خرچن سان وڌيڪ ٽن ضلعن ۾ ڪئيمرائون لڳنديون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو