143

وڪيلن پاران هنگامو ۽ ڀڃ ڊاهه: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتون ٻئي ڏينهن به بند، ڪيس داخل، سپريم ڪورٽ جي سيڪيورٽي ۾ به واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ غيرقانوني طور ڄاڻائي ڊاٿل چيمبرز خلاف وڪيلن پاران احتجاج، هنگامي ۽ ڀڃ ڊاهه کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ ان جون ماتحت عدالتون ٻئي ڏينهن به بند آهن، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي سيڪيورٽي ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي. رپورٽن مطابق اسلام آباد ۾ وڪيلن پاران هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيل ڀڃ ڊاهه سبب عدالتي ڪاروهنوار معطل آهي، هاءِ ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾ ڪنهن به ڪيس جي ٻڌڻي نه پئي ٿئي، پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري اسلام آباد هاءِڪورٽ جي اندر ۽ ٻاهر مقرر ڪئي وئي آهي، ان کانسواءِ ريڊ زون ۽ سپريم ڪورٽ ۾ به سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي. ٻئي پاسي اسلام آباد جي رمنا ٿاڻي تي دهشتگردي وارن قلمن سوڌو 30 کان وڌيڪ وڪيلن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو