128

وڳوڙين خلاف ڪارروائي ٿيندي، ڪنهن جٿي کي رياست يرغمال بڻائڻ جي اجازت نه ڏينداسين: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مختلف شهرن ۾ تحريڪ لبيڪ جي احتجاجن ۽ ڌرڻن دوران وڳوڙ ڪندڙن خلاف دهشتگردي ايڪٽ هيٺ ڪارروائي ٿيندي، ان لاءِ ٽيڪنالاجي ذريعي انهن وڳوڙين جي ڳولا پڻ شروع ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته احتجاجن دوران وڳوڙن ۾ ملوث ماڻهن جي وڊيوز مان سڃاڻپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته وڳوڙين جي سڃاڻپ ڪرڻ لاءِ نادرا، سيف سٽي لاهور ۽ ٻين ادارن تي ٻڌل خصوصي سيل قائم ڪيو ويو آهي، هن وقت تائين ڪيترن ئي ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، ضلع انتظاميه تقريرن جي مانيٽرنگ پڻ ڪندي. ٻي پاسي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد سي ايم ايڇ ۽ ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽرز اسپتال راولپنڊي جو دورو ڪيو جتي هن مظاهرن ۾ تشدد سبب زخمي ٿيل پوليس اهلڪارن ۽ رينجرز جي جوانن جي عيادت ڪئي. فاقي گهرو وزير سيڪيورٽي اهلڪارن کي شاباش ڏيندي چيو ته قانون لاڳو ڪندڙن امن و امان جي حوالي سان زبردست ڪم ڪيو، امن و امان بحال رکڻ تي پوليس ۽ رينجرز جي آفيسرن ۽ جوانن هميت ۽ بهادري ڏيکاري. هن چيو ته اهلڪارن پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪارڪن جي ڪجهه ڪارروائين جو تحمل سان مقابلو ڪيو، ڪنهن جٿي کي رياست کي يرغمال ڪرڻ  جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، هوڏانهن وفاقي گهرو وزارت پاڪستان ۾ امن امان جي لاءِ جمعي ڏهاڙي صبح جو 11هين وڳي کان منجهند جو ٽين لڳي تائين سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي بند ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ عارضي بند ڪيل سوشل ميڊيا بحال ڪري ڪئي وئي،  پي ٽي اي موجب سوشل ميڊيا جي ايپليڪيشنز تائين رسائي پڻ بحال ڪري ڇڏي آهي، هوڏانهن وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد   سوشل ميڊيا سروس معطل ڪرڻ تي معذرت پڻ ڪئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو