57

وڻڪار جو خاتمو ڌرتي جي حسن جي تباهي آهي….

ليکڪ: انجنيئر گلاب مري

الله تعاليٰ اسان لاءِ بيشمار نعمتون پيدا ڪيون آهن، هوا، باھ، پاڻي، ڪڪر، وڻ، ٻوٽا…! اسان جي ڌرتي بيشمار نعمتن سان مالامال آهي. ڌرتي جي سموري سونهن ۽ سوڀيا وڻ ۽ ٻوٽا آهن. ڌرتي تي موجود هر جِيوُ کي زندهه رهڻ لاءِ هوا، کاڌي ۽ پاڻي جي ضرورت هوندي آهي، هوا مختلف گئسن جي ملاوٽ آهي، جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ نائٽروجن 78 سيڪڙو، ٻئي نمبر تي آڪسيجن 21 سيڪڙو، جڏهن ته هڪ سيڪڙو ٻيون گئسون شامل آهن، ڌرتي تي موجود وڻ ۽ ٻوٽا خاص اهميت وارا آهن،ڇو جو وڻن ۽ ٻوٽن پروڊيوسر چئبو آهي. جنهن جو مطلب ته وڻ ۽ ٻوٽا پنهنجي خوراڪ پاڻ تيار ڪري، ڌرتي تي موجود ٻين ساهوارن لاءِ کاڌو مهيا ڪن ٿا.  اهوئي سبب آهي ته ڌرتي تي موجود سمورا جانور، پکي پکڻ ۽ خود انسان به ٻوٽن تي ڀاڙين ٿا، وڻ ۽ ٻوٽا سج جي روشني، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ پاڻي جي مدد سان پنهنجي خوراڪ، روشنائي ترڪيب واري عمل (Photosynthesis) جي ذريعي تيار ڪن ٿا ۽ آڪسيجن گئس پيدا ڪن ٿا، جيڪا هوا ۾ شامل ٿي آڪسيجن جو چڪر برقرار رکي ٿي. اڄڪلھه سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دور ۾ هڪ طرف صنعتي ترقي پنهنجي عروج تي پهتي آهي ته ٻئي طرف ماحولياتي گدلاڻ به سوين بيمارين کي جنم ڏئي رهي آهي! ڪارخانن ۽ گاڏين مان نڪرندڙ زهريلو دونهون، جيڪو ڪاربن مونو آڪسائيڊ، ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ مختلف گئسن سان ڀريل هوندو آهي، جڏهن هوا ۾ شامل ٿي ويندو آهي ته پوءِ ڦڦڙن جي بيمارين، دَمُ، تپ دق وغيره ۾ مبتلا ٿيڻ فطري ڳالهھ آهي، اسان شايد وساري ويٺا آهيون ته ڌرتي تي وڻ ۽ ٻوٽا ئي واحد جاندار آهن، جيڪي ماحول ۾ موجود گدلي ۽ خراب هوا کي ڇاڻي صاف ڪرڻ جي سگهھ رکن ٿا، اڄڪلهھ عالمي تپش (Global Warmig) جو مسئلو به سائنسدانن لاءِ گهڻي ڳڻتيءَ جو سبب بڻجي ويو آهي ۽ جيڪڏهن اسان ان جي ڪارڻن جا پيرا کڻي نڪرون ته صنعت ۽ گاڏين جو زهريلو دونهون، ڪاربن مونو آڪسائيڊ، ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ ٻيون زهريليون گئسون عالمي تپش جو ڪارڻ معلوم ٿينديون!   شهرن جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙي جي تازي هوا ڪنهن غنيمت کان گهٽ ناهي هوندي! انهي جو سبب به ڳوٺن ۾ وڻن جي گهڻائي آهي ۽ صاف هوا جي ڪري ئي ماڻهو پنهنجي پاڻ کي چُست ۽ تازو توانو محسوس پيو ڪندو آهي. ڌرتي جي سيني تي گل ۽ ٻوٽا سونهن ۽ سُڳند جي علامت هوندا آهن. نبي ڪريم صلي اللّٰه عليه وسلم جن فرمايو ته ”جيڪڏهن اوهان وٽ ماني آهي ته، ان مان اڌ وڪڻي، گل خريد ڪريو، ڇو ته ماني اوهان جي جسم کي طاقت ڏئي ٿي ۽ سونهن اوهان جي روح کي.“ بيشڪ اڄ به جڏهن اڀرندڙ ۽ لهندڙ سج جي لالاڻ ۾ ڳوٺ جي سرسبز ٻنين ۾ پسار ڪبو آهي ته روح کي راحت ۽ قرار ملندو آهي! مَن کي هڪ عجيب آنند پيو محسوس ٿيندو آهي!   ننڍي هوندي واهن ۽ رستن جي ڪنارن سان نِمن ۽ ٽالهين جا وڏا وڻ ڏسڻ ۾ ايندا هئا، جنهن جي ٿڌي ۽ راحت ڏيندڙ ڇانوِ ۾ ڪي گرميءَ ۽ جهولي جا سٽيل مسافر کن لاءِ سک جي ساھي پٽيندا هئا ۽ اڄ جڏهن نظر ٿا ڦيرايون ته ڇانوَ جو ٽڪرو ڳولي به نه ٿو لڀي! وڻن جي اڻهوند ڪري واهن ۽ ڪئنالن کي گهارا پوڻ ته معمول بڻجي ويا آهن! روڊن ۽ رستن جي حالت به اها آهي جو ٿوري برسات پوڻ سان ئي برسات جو پاڻي، روڊن جي ڪنارن کي پايو وڃي! جون مهيني جي ٽچڪندڙ ٽاڪ منجهند جو شل نه ڪنهن مسافر جي موٽر سائيڪل پنڪچر ٿئي! روڊ ڪناري سان ڪو وڻ ته ڇا، ڪو ڪانڊيرو به ناهي ملندو جو کن پل لاءِ سج جي ساڙيندڙ شُعلن کان ٽِڪِڻ بچائي، وڻن مان اسان کي ڪيترائي فائدا ملن ٿا. وڻ آبهوا ۽ موسم تي به اثر انداز ٿين ٿا. ريگستانن ۾ وڻن جي ٿورائي جي ڪري برساتون گهٽ ۽ گرمي گهڻي ٿئي! جڏهن ته سرسبز ماٿرين ۾ برساتون ڳچ ۽ موسم به وڻندڙ ٿئي ٿي. وڻن مان اسان کي عمارتي ڪاٺ ملي ٿو. انڪري اسان وٽ ٻيلن جي واڍي  به پنهنجي عروج تي آهي ۽ ماحول جي بگاڙ ۾ اسان ڪا به ڪسر نه ٿا ڇڏيون! ٻيلن جي ختم ٿيڻ سان ٻيلن ۾ رهندڙ جيوت جي تباهي جا ذميوار  به اسان پاڻ ئي آهيون، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ته موجوده دور ۾ وڻن جي اهميت بابت اسان کي آگاهي ڏئي ٿي ته وڻ ماحول دوست آهن، هوا کي صاف بڻائين ٿا، وافر مقدار ۾ آڪسيجن گئس مهيا ڪن ٿا ۽ وڌندڙ عالمي تپش گهڻن وڻن پوکڻ سان گهٽجي سگهي ٿي، پر تاريخ اسلام اسان جي سامهون آهي. وڻن جي اهميت ته سرڪار دو عالم صلي اللّٰه عليه وسلم وٽ اڄ کان چوڏهن صديون اڳ ڪيتري هئي؟! ان بابت پاڻ صه فرمائين ٿا ته” جيڪڏهن توهين کجيءَ جو وڻ پوکي رهيا آهيو ۽ مٿان قيامت اچي ته توهان قيامت جي پرواھ نه ڪريو، پر پنهنجو ڪم پورو ڪريو.“ جنگين ۾ به پاڻ سڳورا صه ٻارن، ضعيفن ۽ زخمي مُشرڪن کي قتل ڪرڻ ۽ وڻن کي وڍڻ ۽ نقصان پهچائڻ کان منع فرمائيندا هئا، ضرورت ان ڳالهھ جي آهي ته فطرت سان پيار ڪريون. وڌ کان وڌ وڻ پوکيون. وڻن جي سار سنڀال لهون، نه ڪي اڳ جي پوکيل وڻن کي ئي وڍي، ڌرتي جي حسن و جمال کي بگاڙي ڇڏيون، وڻ صاف ۽ صحتمند ماحول جا ضامن آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو