292

وڻ هيٺ هلندڙ هڪ مثالي اسڪول…

ليکڪ: مٺل جسڪاڻي

ڪورونا وائرس وبا جي خوف ۾ بند پيل تعليمي سرشتو نئين سئين بحال ته ٿي ويو آھي پر…گورنمينٽ پرائمري اسڪول ميوو جسڪاڻي فقير تعلقو ۽ ضلعو بدين ۾ سال 2002ع کان قائم آھي، جنهن کي ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪڏهن ڪمرن ۽ ڪڏهن ڇپرن ۾ ھلائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آھي، پر اھي ڪمرا ۽ ڇپرا، ھر ٻئين ٽئين سال موسمي لاھن ۽ چاڙھن جھڙوڪ تيز ھوائن، طوفانن ۽ برساتن جي سٽ نه سھي ڊھندا ٺھندا رھيا آھن.تازو تعليمي سلسلو شروع ٿيندي ئي ٻار ۽ استاد اسڪول ته پھچي ويا، پر اسڪول وارو ڇپرو، سندن اچڻ کان اڳ مھيني سوا کان جاري ڏکڻ جي تيز ھوائن ۾ اڏامي وڃڻ سبب، ٻارڙا ۽ استاد مجبور ٿي، وڻ جي ڇانءُ ۾ ويھي، پڙھائي جو عمل شروع ڪري چڪا آھن.ھن سال جا ساليانا امتحان به اسڪول جي اھڙي ئي حالت ۾ ٿيڻا آھن.ڳوٺ ميوو جسڪاڻي فقير سميت، ڀرپاسي  جي ٻين ڳوٺن جي ٻارڙن جي تعليم لاءِ قائم ھي واحد اسڪول، ڇا ويجهڙائي ۾ عزت سان ويھي پڙھڻ جھڙي اسڪول جي عمارت ۽ ضروري فرنيچر ماڻي سگهندو؟ يا غريب ڳوٺاڻن کي ئي پنھنجي مدد پاڻ تحت پنھنجي ٻچڙن جي تعليم لاءِ جھڙو به سندن وس ۾ ڇپرو يا ڪمرو ھوندو ٺھرائڻو پوندو. جيڪو وري ايندڙ ڪنھن برسات، طوفان يا تيز ھوا ۾ اوچتو ڊهي پوندو، ان جي ڇت اڏامي ويندي. وڻ ھيٺ ھلندڙ ھي مثالي اسڪول ”گورنمينٽ پرائمري اسڪول ميوو جسڪاڻي فقير“ بدين کان سيراڻي روڊ سان، ڏاتا واهه بس اسٽاپ کان، مشھور ۽ معروف پرھياڙن ۽ منڌرن جي پاڙي ۾، ڳوٺ حيدر شاھاڻي کان ٻه وکون اڳتي سم نالي جي اولھائين ڪپ تي واقع آھي. ھن اسڪول مان پڙھي نڪتل ٻارڙا، پنھنجو مستقبل سنوارڻ جي جستجو ۾ يونيورسٽين ۾ به وڃي پھتا، پر اسڪول کي عمارت اڄ به نه ملي سا اڃان به نه ملي آھي، نه ئي ويجهڙ ۾ اھڙا ڪي امڪان به آھن. ڇا هيءَ تصوير به حڪمرانن جي اک تي نه چڙهندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو