167

ينگ ڪنسلٽنٽ ايسوسيئيشن سنڌ جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ڊاڪٽرن پاران ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) ينگ ڪنسلٽنٽ ايسوسيئيشن سنڌ جي سڏ تي اڄ سڄي سنڌ ۾ يونيورسٽيز سان لاڳاپيل اسپتالن ۾ ڪم ڪندڙ ڪلينيڪل فيڪلٽي ڊاڪٽرن کي ڪورونا رسڪ الائونس نه ڏيڻ خلاف ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. اڳواڻن سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽين ۽ لاڳاپيل ڪاليجن ۾ ڪم ڪندڙ ڪلينڪ فيڪلٽي کي ڪورونا رسڪ الائونس نه ملڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي کين جلد رسڪ الائونس جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ينگ ڪسلٽنٽ ايسوسيئيشن پاڪستان جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ضمير حسين تنيو، ينگ ڪنسلٽنٽ ايسوسيئيشن سنڌ جي چيئرمين ڊاڪٽر سڄڻ هاليپوٽو، صدر ڊاڪٽر عبدالحميد راڌڻ، سينيئر نائب صدر سنڌ ڊاڪٽر سعدالله چاچڙ، ڊاڪٽر گل حسن بروھي، ڊاڪٽر خدابخش کوسو، ڀگونداس، ڊاڪٽر يعقوب شاھاڻي، ڊاڪٽر احسان لله ملڪ، ڊاڪٽر نجيب ڪلھوڙو، اشفاق سنڌو، ڊاڪٽر سجاد احمد مھر، ڊاڪٽر حسين پلھه ۽ ٻين اڳواڻن جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽين، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو، ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي، سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي، اين آءِ سي اڇ ڪراچي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۽ پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي نوابشاهه ۽ انھن سان لاڳاپيل ميڊيڪل ڪاليجن ۾ ڪم ڪندڙ ڪلينڪ فيڪلٽي کي ڪورونا رسڪ الائونس نه ڏنو پيو وڃي، جيڪو انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. هنن چيو ته شروع کان وٺي يونيورسٽين جي اسپتالن ۾ ڪم ڪندڙ  فيڪلٽي ۽ ان سان لاڳاپيل ڪاليجن پير عبدالقادر شاھ جيلاني انسٽيٽيوٽ گمبٽ، خيرپور ميڊيڪل ڪاليج، غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج ۽ ٻين ميڊيڪل ڪاليجن جي اسپتالن ۾ ڪم ڪندڙ فيڪلٽي کي نظرانداز ڪيو ويو آهي ۽ کين ڪو به ڪورونا رسڪ الائونس نه پيو ڏنو وڃي جيڪو جلدي انھن کي ڏنو وڃي، جڏھن ته اھي  صحت واري کاتي جي جنرل ڪيڊر ۽ اسپيشلسٽ ڊاڪٽرس سان گڏ پنھنجيون جانيون خطري ۾ وجھي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هنن چيو ته سوشل ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا ذريعي سنڌ سرڪار جي اعليٰ آفيسرن کي ڪيترائي ڀيرا ياد ڏيارڻ باوجود يونيورسٽين جي ڪلينڪ فيڪلٽيز کي ڪورونا رسڪ الائونس نه پيو ڏنو وڃي ۽ کين نظرانداز ڪيو پيو وڃي، جنھنڪري اڄ پرامن ڪاريون پٽيون ٻڌي سنڌ حڪومت ۽ يونيورسٽي جي اعليٰ عملدارن کي ياد ڪرائڻ چاھيون ٿا ته جلد کان جلد سڄي ڪلينڪل فيڪلٽي کي ھيلٿ رسڪ الائونس جاري ڪيو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته اسان سنڌ حڪومت ۽ يونيورسٽيز جي اعليٰ عملدارن کي 14 ڏينھن جو وقت ڏيون ٿا، جيڪڏهن ھيلٿ رسڪ الائونس فيڪلٽي کي جاري نه ڪيو ويو ته ينگ ڪنسلٽنٽ ايسوسيئيشن پاڪستان جي فيصلي تحت وڌيڪ لائحه عمل جوڙيو ويندو. ٻئي پاسي  لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ينگ ڪنسلٽنٽ ايسوسيئيشن پاران احتجاجي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنھن کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر يعقوب شاھاڻي، ڊاڪٽر رسول بخش بھڻ ۽ ٻين فيڪلٽي کي پيش ايندڙ مسئلن تي ڳڻتي جو اظھار ڪيو ۽  چيو ته جيڪي ڊمانڊس لمس  يونيورسٽي جي اعليٰ عملدارن کي ڏنيون ويون آھن، انھن تي جلد کان جلد عمل ڪري مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، جنھن جي ذموار انتظاميا ھوندي. ھوڏانھن لمس ٽيچرس ايسوسيئيشن  ۽ پي ايم اڳواڻ ڊاڪٽر آغا تاج ۽ ٽيچرس ايسوسئيشن لمس جي صدر ڊاڪٽر رسول بخش بھڻ ۽ ٻين واءِ سي اي جي سڏ تي ساڻن حمايت ڪندي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج رڪارڊ ڪرايو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو