163

يورپي يونين کان عليحدگي: برطانوي وزيراعظم جي پيءُ پاران فرانسيسي شهريت وٺڻ جو اعلان

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا جي يورپي يونين کان باضابطا عليحدگي کانپوءِ برطانوي وزيراعظم بورس جانسن جي والد فرانسيسي شهريت وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. نئون سال شروع ٿيندي ئي برطانيا باضابطا طور يورپي يونين کان الڳ ٿي ويو، جنهن سان گڏ ئي برطانوي شهرين کي حاصل پويون سموريون سهولتون ختم ٿي ويون آهن ۽ برطانيا يورپي يونين وچ ۾ ٿيندڙ نئين معاهدي جي شروعات به ٿي وئي آهي. ٻئي پاسي يورپي يونين کان الڳ ٿيڻ کانپوءِ برطانوي وزيراعظم بورس جانسن جي والد اسٽنيلي پيٽرڪ جانسن فرانسيسي شهريت وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته فرانس سان مضبوط خانداني لاڳاپا هجڻ جي ڪري هو فرانسيسي شهريت حاصل ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو