اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) يوٽيلٽي اسٽورن تي مهانگائي جو طوفان،گيهه ۽ تيل جون قيمتون آسمان تي پهچي ويون آهن، رپورٽ موجب گيهه جي قيمت ۾ 96 رپيا في ڪلو واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪوڪنگ آئل جي قيمت 370 رپيا في ليٽر واڌ کانپوءِ ڪوڪنگ آئل جي قيمت 500 رپين کان وڌيڪ 870 رپيا ليٽر ٿي وئي آهي، ٽي وائٽنر 12 ڪلو گرام جي قيمت 40 رپين تائين وڌائي وئي، ڪسٽرڊ ۽ کير سميت مٺين شين جي دٻن تي 10 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، فيس ڪريم 50 گرام جي قيمت ۾ 40 رپيا ٽشو ڊبي تي 15 رپيا ۽ ڪارن مرچن جي ڊٻي تي 10 رپين تائين واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته کاڌ خوراڪ جون ٻيون شيون پڻ مهانگيون ٿي ويون آهن،جنهن ڪري پورهيت طبقو وڏي پريشاني ۾ ورتل آهي، سندن ڏهاڙي جو گذارو ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي.
