101

ٺارو شاهه ڀرسان نوجوان جو گهر مان 2 ڏينهن پراڻو لاش هٿ، امتحان ۾ فيل ٿيڻ تي آپگهات جا چوٻول

ٺارو شاهه (ويب ڊيسڪ) ٺارو شاهه ڀرسان نوجوان جو گهر مان 2 ڏينهن پراڻو لاش هٿ آيو آهي، علائقي ۾ چوٻول آهن ته نوجوان امتحان ۾ فيل ٿيڻ تي آپگهات ڪيو آهي. ٺارو شاهه جي وارڊ نمبر 6 ۾ نوجوان ڪامران ميمڻ جو لاش سندس گهر مان ملڻ جي اطلاع تي پوليس پهچي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، جتي نوجوان جا وارث پهچي ويا ۽ لاش جي پوسٽ مارٽم کانسواءِ واپس  لاش کڻائي روانا ٿي ويا. اسپتال ۾ موجود ڊاڪٽر مطابق نوجوان جو لاش 2 ڏينهن پراڻو هو، سندس جسم تي تشدد جا ڪي به نشان ناهن. پوليس جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ اهي چوٻول آهن ته نوجوان ڪامران ميمڻ سي ايس ايس جو امتحان ڏنو هو، جنهن ۾ فيل ٿيڻ تي هن آپگهات ڪيو آهي، وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو