29

ٺري ميرواهه واسي پاڪ فوج جو جوان دل جو دورو پوڻ سبب فوت، فوجي اعزاز سان تدفين

ٺري ميرواھ (ن سوڀ) ٺري ميرواھ جي ڳوٺ مبارڪ شر جو رهواسي پاڪ فوج جو جوان علي احمد پٽ علي حسن شر  نوڪري دوران دل جو دورو پوڻ ڪري سيالڪوٽ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پاڪ فوج پاران سندس مڙھ ڳوٺ مبارڪ شر ۾ آندو ويو، جتي جنازي نماز بعد فوجي اعزاز سان کيس مقامي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.  مرحوم  14 سال 32 پنجاب ريجمينٽ سيالڪوٽ ۾ بهادري سان نوڪري ڪئي، جتي ڊيوٽي دوران ئي دل بيهڻ ڪري هو فوت ٿي ويو،  سندس تدفين ۾ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ تعلقي عملدارن سميت وڏي انگ ۾ علائقي واسين  شرڪت ڪئي. مرحوم کي ٻن پٽن ۽ هڪ نياڻي جو اولاد هيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو