فائرنگ 141

ٺيڙهي ۾ هٿياربندن گهر ٻاهران بيٺل پورهيت کي قتل ڪري ڇڏيو، لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو

خيرپور (ويب ڊيسڪ) ٺيڙهي ۾ هٿياربندن گهر ٻاهران بيٺل پورهيت کي قتل ڪري ڇڏيو، لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ان سلسلي ۾ شهر ۾ گهر ٻاهران بيٺل فهد علي پٽ عبدالله ميمڻ کي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ جي آواز تي شهري نڪرڻ بعد جوابدار پنهنجي نئين ون ٽو فائيو موٽرسائيڪل ۽ جوتا ڇڏي فرار ٿي ويا، هوڏانهن نوجوان جي وارثن ۽ شهرين لاش قومي شاهراهه ٺيڙهي باءِ پاس تي رکي ڌرڻو هڻي پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ڪليم الله ميمڻ، محمد انور ميمڻ، عبدالله ميمڻ ۽ ٻين چيو ته ٺيڙهي شهر ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي، پوليس جي ننڊ سبب ڏوهاري سرعام ماڻهو قتل ڪري فرار ٿي وڃن ٿا، هوڏانهن ٻٻرلوءِ پوليس پهچي ڳالهين بعد لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو، هوڏانهن پوليس جوابدارن جي موٽرسائيڪل ۽ جوتا هٿ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو