36

ٺٽي ويجهو ڇتي ڪتي معصوم نينگر کي پٽي ڇڏيو، ڪراچي منتقل

ٺٽو (ويب ڊيسڪ) ٺٽي لڳ شورا موري جي ڳوٺ گلشير جوکيو واسي پورهيت خميسو جوکيو جي 9 سالن جي معصوم پٽ جليل جوکيو تي ڇتي ڪتي حملو ڪري سخت زخمي ڪري وڌو، جنھن کي علاج لاءِ سول اسپتال مڪلي آندو ويو، جتي نينگر جي حالت نازڪ ھجڻ ڪري کيس وڌيڪ علاج لاءِ ڪراچي جي اسپتال ڏانھن ريفر ڪيو ويو آھي. جڏھن تہ ضلعي انتظاميہ پاران ڪتا مار مھم شروع نه ڪئي آھي ۽ نه ئي وري سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت ڪتي ڏاڙھڻ جي ايڊمنسٽريٽرن مٿان خلاف ڪيل ڪيسن خلاف پوليس ڪا ڪاروائي ڪئي آھي. رھواسين سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان نوٽيس وٺڻ جي مطالبو ڪيو آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو