39

ٻارن جي تحفظ لاءِ تيار ڪيل قانون تي ڀرپور طريقي سان عمل ڪرايو وڃي: شيرين مزاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته پاڪستان جو آئين ٻارن کي واضح حق فراهم ڪري ٿو. پاڪستان ٻارن جي حقن جي باري ۾ عالمي ڪنوينشن تي پڻ صحيحون ڪيون آهن، ملڪ ۾ پڻ ٻارن جي حقن جي باري ۾ قانون موجود آهي، پر ماڻهو ان قانون جي باري ۾ ڄاڻ نه هئڻ سبب ان تي عملدرآمد نٿا ڪري سگهن. ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته 20 نومبر تي پوري دنيا ۾ ٻارڙن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ٻارن جي تحقن جي تحفظ لاءِ تمام گهڻا قانون موجود آهن پر ماڻهو انهن قانونن بابت ڄاڻ نه هئڻ سبب انهن تي پوري طرح عملدرآمد نٿا ڪري سگهن. هن چيو ته اسان کي قوم جي ذهنيت کي تبديل ڪرڻو آهي. ان سلسلي ۾ آگاهي پروگرام پڻ شروع ڪيا آهن ته جيئن ماڻهن کي وڌ کان وڌ ڄاڻ حاصل ٿي سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو