ايڊيٽوريل
اسڪولن ۽ ڪم وارين جڳهين تي ٻارڙن تي جسماني تشدد خلاف قومي اسيمبلي بل منظور ڪري ورتو آهي، ان سلسلي ۾ بل ۾ چيو ويو آهي ته ٻارڙن مٿان هر قسم جي تعليمي ادارن ۽ ڪم ڪندڙ جاين تي تشدد جي منع ڪئي وئي آهي، ٻارن کي ٿڦڙ، چهبڪ، لٺ، جوتي، ڪاٺي يا چمچي سان مارڪٽ تشدد جي زمري ۾ ايندي،ٿڏو هڻڻ، ڌونڌاڙڻ، چڪ هڻڻ، وارن مان پڪڙڻ، ڪن پٽڻ، ٻارن کي تڪليف وارين حالتن ۾ رکڻ ۽ گرم پاڻي هارڻ به تشدد هوندو، ٻارن سان بيعزتي وارو رويو رکڻ، بدنام ڪرڻ، ڌمڪائڻ ۽ ڊيڄارڻ به سزا جي قابل هوندو، ٻارن مٿان تشدد ڪندڙ جي ملازمت ۾ گهٽتائي، معطلي، برطرفي سميت اهڙن ماڻهن کي هاڻ جبري رٽائرڊ به ڪيو ويندو، بل مطابق ٻارن مٿان تشدد جو مرتڪب شخص مستقبل ۾ ڪنهن به ملازمت جو اهل تصور نه هوندو، منظور ڪيل بل في الحال اسلام آباد ۾ ئي لاڳو ڪيو ويندو. مسلم ليگ (ن) جي ميمبر مهناز اڪبر عزيز بل ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن تي حڪومت جي انساني حقن وار يوزير شيرين مزاري چيو ته اسان کي بل تي ڪو به اعتراض نه آهي، هوڏانهن بل ۾ حڪومت طرفان پيش ڪيل ترميم به شامل ڪئي وئي. شيرين مزاري ٻڌايو ته ان ترميم جو فائدو اهو ٿيندو ته شڪايت عدالت ۾ به داخل ڪرائي سگهبي، اڳ بل ۾ چيو ويو هو ته شڪايت حڪومت جي قائم ڪيل ڪاميٽي ۾ ڪري سگهبي، بل ۾ ترميم ڪئي آهي ته شڪايت سڌي ريت عدالت ۾ داخل ڪري سگهبي، ان حوالي سان مشهور فنڪار ۽ سماجي ڪارڪن شهزاد راءِ جو چوڻ اهي ته اها انتهائي سٺي ڳالهه آهي ته بل کي حڪومت ۽ مخالف ڌر گڏجي منظور ڪرايو آهي، مون ان حوالي سان 2 ڏينهن اڳ اسپيڪر اسد قيصر ۽ شيرين مزاري سان به ملاقات ڪئي هئي، هن چيو ته ٻارن کي مارڪٽ سڀ کان پهريان گهر ۾ ٿئي ٿي ۽ گهر کانپوءِ اسڪول ۾ ٿئي ٿي.
اسان سمجهون ٿا ته پارليامينٽ جو ڪم ئي بهتر ماحول ۾ گڏيل قانونسازي ڪرڻ آهي ۽ اهڙي قانونسازي ٿيڻ به گهرجي، جنهن سان مجموعي طور تي عوام کي فائدو پهچي، حڪومتن جو ڪم هوندو آهي ته اهي ملڪ، قوم ۽ عوام جي ڀلي لاءِ اهڙا قانون آڻين، جنهن سان نه صرف عام ماڻهو جو ڀلو ٿئي پر قانون جي عملداري به يقيني بڻجي، ڏٺو وڃي ته ملڪ اندر وڏي عرصي کان ٻارڙا سخت جبري تشدد جو شڪار آهن ۽ لڳاتار سڄي ملڪ ۾ ٻارڙن مٿان جنسي ۽ جبري تشدد جون خبرون ميڊيا جي زينت ٿي رهيون آهن، رڳو ايترو ئي نه پر گذريل ڪجهه سالن اندر ڪيترائي ٻار بي رحماڻي تشدد ۽ غير انساني فعلن سبب حياتيون به وڃائي ويٺا آهن، اسان پارليامينٽ پاران منظور ڪيل اهڙي بل جي حمايت ۽ آجيان ڪندي ميمبرن کي شاباسي ڏيون ٿا، جن پهريون ڀيرو سمورا سياسي اختلاف پاسي تي رکي هڪ اهڙو بل منظور ڪيو آهي، جنهن سان ٻارڙن کي رليف ملي سگهندو. خاص ڪري اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻارڙن مٿان استاد صاحبان ڪڏهن ڪڏهن حد کان وڌيڪ تشدد ڪري ويندا آهن ۽ ڪم وارين جاين تي ته ٻارڙن کي انسان ئي نه سمجهيو ويندو آهي ۽ انهن مٿان هر وقت ٽوڪ ۽ ملامت وارو تشدد ته ڄڻ سامهون وارو پنهنجو فطري حق سمجهي ڪندو آهي، اسان ان عمل کي ڀليڪار ڪندي اهو چوڻ ۾ به حق بجانب هونداسين ته اڳ به ملڪ اندر ان قسم جا ڪيترائي قانون ۽ بل منظور ٿيل آهن پر انهن تي حقيقي صورت ۾ عمل اڃا تائين ناپيد آهي، اسان سمجهون ٿا ته ڪنهن به قانون جو ان وقت تائين ڪنهن کي به ڪو به فائدو نٿو پهچي، جيستائين ان تي مڪمل طور عمل نٿو ٿئي، ان ڪري اسان اميد ڪريون ٿا ته ڄاڻايل بل تي من و عن عمل به ڪرايو ويندو جيئن ٻارڙا جبري تشدد کان محفوظ رهي سگهن ۽ ان حوالي سان اسان سڀني کي ذميواريون به ادا ڪرڻيون پونديون.