23

ٻارڙن جي ڀرتي وارو معاملو…!

ايڊيٽوريل

ڪراچي جي ڊي ايم سي سينٽرل ۾ 102 گهٽ عمر وارن ٻارن کي ڀرتي ڪرڻ جو معاملو سامهون اچي ويو آهي، ان حوالي سان ميڊيا جي رپورٽن مطابق ڊي ايم سي سينٽرل جي ميونسپل ڪمشنر معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ سيڪريٽري حوالي ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ گهٽ عمر وارن ٻارڙن جي نوڪري وارو اهم انڪشاف ڪيو ويو آهي، جاچ رپورٽ موجب ڊي ايم سي سينٽرل ۾ 102 گهٽ عمر وارن ٻارن کي نوڪريون ڏنيون ويون آهن، ميونسپل ڪمشنر رپورٽ ۾ اعتراف ڪندي چيو آهي ته 10 کان 15 سالن تائين جي ٻارن کي سرڪاري نوڪريون ڏنيون ويون آهن.هوڏانهن ڄاڻايل ملازمن جو ميونسپل ڪمشنر جي سفارش تي پگهارون بند ڪيون ويون، ذريعن موجب ننڍڙي عمر وارا 102 ٻار سينئر ڪلارڪ، ڪلارڪ، مالهي، نائب قاصد سميت ٻين پوسٽن تي ڀرتي ٿيا هئا. ڏٺو وڃي ته ڪراچي جا مڪاني کاتن جا ادارا ڪافي وقت کان ايم ڪيو ايم جي حوالي ٿيل آهن ۽ مقامي ادارن ۾ ايم ڪيو ايم جي دورن ۾ انتهائي گهڻيون خرابيون سامهون آيون آهن، ماضي ۾ ادارن اندر غيرقانوني ترقين جا قصا اڄ به ميڊيا جي تاريخ ۾ موجود آهن، جن مطابق پٽيوالن، مالهين ۽ چوڪيدارن کي من پسند پوسٽون ڏئي ادارن جو مالڪ بڻائي اڇي ۽ ڪاري جون سموريون خدمتون انهن حوالي ڪيون ويون ۽ انهن ذريعي نه صرف کين نوازيو ويو پر ٻين کي به نوازيو ويو، تازي رپورٽ ۽ انڪشاف به ان حوالي سان انتهائي ڇرڪائيندڙ آهي. جنهن تي سنڌ حڪومت ۽ ذميوار اختيارين کي ضرور تحرڪ وٺي سخت ۽ سنجيده قدم کڻڻ گهرجن.

اسان سمجهون ٿا ته اهڙا عمل رڳو ان ڪري ٿي رهيا آهن جو سنڌ ۽ خاص ڪري ڪراچي ۾ ورهين کان سنڌ حڪومت جي عملداري نه رهي آهي ۽ صوبي جي گادي واري هنڌ جا ادارا سياسي سفارش ۽ رشوت تحت صرف هڪ پارٽي جي حوالي رهيا آهن ۽ اها ڪراچي جي اڇي ۽ ڪاري جي مالڪ بڻيل رهي آهي، نتيجي طور اهڙيون ڪيتريون ئي خرابيون ادارن اندر گهر ڪري ويون آهن، اسان سنڌ حڪومت کان اها گهر ٿا ڪريون ته ڪراچي جي ادارن اندر ٿيل اهڙين بي قاعدگين جي جاچ لاءِ هاڻ سنجيده قدمن جي ضرورت آهي ۽ ان حوالي سان حڪومت هڪ ڪميشن قائم ڪري جاچ ڪرائي ته ڪهڙي ڪهڙي هنڌ تي ڪهڙيون ڪهڙيون خرابيون پيدا ڪيون ويون آهن ۽ ان مان ڪنهن ڪنهن ڪيترو ڪيترو فائدو ورتو آهي. نه صرف ايترو پر هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته انهن ادارن مان نااهل ماڻهن کي نيڪالي ڏئي گهر ڀيڙو ڪيو وڃي، ڇو ته گذريل سال جڏهن تيز برساتون پيون ته ڪراچي سڄي ملڪ ۾ هاءِ لائيٽ بڻيل شهر هو، جنهن ۾ برساتن جيتري تباهي مچائي اوتري شايد ئي ڪراچي جي تاريخ ۾ تباهي ٿي هجي، اسان سمجهون ٿا ته ان سڄي نااهلي جا ذميوار اهڙا ماڻهو آهن جن ادارن اندر ويهي شهر ۽ شهرين جي خدمت بدران پنهنجا پيٽ ڀريا آهن ۽ من پسند ماڻهو آڻي نااهلن جي فوج ڀرتي ڪئي آهي، ان ڪري هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن ادارن جي نئين سر جوڙجڪ ٿيڻ گهرجي ۽ ماضي جي خرابين کي ختم ڪري ادارن اندر پڙهيل لکيل، انتظامي معاملن کي سمجهندڙ، انتظامي تجربو رکندڙ اهل ماڻهو آندا وڃن، جيئن شهر جي ترقي يقيني بڻجي سگهي ۽ گڏوگڏ گادي واري شهر جي ادارن کي هن وقت تائين مليل فنڊن، ٿيل ترقياتي ڪمن کي به جاچ ڪري سامهون آڻڻ گهرجي جيئن عوام کي حقيقت جي ڄاڻ ملي ۽ اها به خبر پوي ته سنڌ جي گادي واري شهر جيڪو ماضي ۾ روشنين جو شهر سڏرائيندو هو، ان جي بربادي ۾ نيٺ ڪهڙا ڪهڙا هٿ ملوث آهن، اسان سنڌ حڪومت کي اها گذارش ڪنداسين ڄاڻايل معاملن تي بنا دير جي ڪارروائي ڪري قدم کنيا وڃن، ڇو ته ڪراچي نه صرف صوبي جي گادي وارو هنڌ پر هي شهر سنڌ جي سڃاڻپ آهي، گڏوگڏ اها به گذارش ڪنداسين ته ڪراچي جي ادارن ۾ اهڙا کوڙ ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا آهن، جن جو ڪراچي يا صوبي سان ڪو تعلق ئي نه آهي، اهڙن ماڻهن جي ڇنڊڇاڻ ڪري انهن کي به نيڪالي ڏني جيئن مقامي ۽ اهل ماڻهن لاءِ پنهنجن ادارن اندر جاءِ پيدا ٿي سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو