112

ٻارڙن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرايو…  

ليکڪ: حاجي شفيع محمد سٺيو

ڪورونا سبب سڀ کان وڏو نقصان پنهنجي تعليم جو ٿيو آهي، جيڪڏهن ڪورونا جي هوندي ٻيو سڄو ملڪ کلي سگهي ٿو ته پوءِ تعليمي ادارن کي ته سڀ کان اڳ ۾ ترجيحي بنيادن تي کولڻ گهرجي ها، اسان جي قوم کي تعليم جهڙي شعبي ۾ پوئتي ڪرڻ لاءِ هميشه سازشون ٿينديون رهيون  آهن، ان جي پويان ڪيتريون ئي مافيائون آهن، تعليم جهڙي شعبي کي ڪجهه عناصر ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪندا رهيا آهن، شايد انهن کي معلوم ناهي ته جيڪڏهن پنهنجي قوم کي تعليم ناهي ته پوءِ اها قوم ڪهڙيون ترقيءَ جون راهون طئي ڪري سگهي ٿي، تعليم کان سواءِ انسان اڌورو ۽ نامڪمل آهي، شعور انسان جي سوچ کي جنم ڏئي ٿو ۽ سوچ انسان جي ارتقاءَ جي نشو نما ۾ واڌ جو سبب بڻجي ٿي، موجودهه حالتن ۾ ڪورونا جي بهاني سنڌ جي تعليم جو اڳ ۾ ئي ڪافي نقصان ٿيو آهي هاڻي وڌيڪ پنهنجي قوم جي ٻچڙن کي بند گليءَ ڏانهن وٺي وڃڻ بدران شعوري لاٽ جو رستو ڏيکارڻ لاءِ ڪورونا کان اڳ جيان اسان سڀني کي خصوصي طور تي والدين کي پنهنجون ذميواريون نڀائيندي ٻچڙن کي اسڪولن تائين پهچائڻ لاءِ بندوبست ڪرڻو پوندو، جيئن مستقبل جا معمار نئين جوش جذبي سان پنهنجون تعليمي سرگرميون جاري رکندي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪن ۽ نت نوان تعليمي پروگرام، سائنس، ڪمپيوٽر، ٽيڪنالاجي، نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۾ محو ٿيندي مصروف عمل ٿي وڃن، جيڪڏهن واقعي ئي اهڙي جوش ۽ جذبي سان اسان مان هرهڪ ايمانداريءَ سان پنهنجي تعليم جهڙي حساس ترين شعبي سان وابستگيءَ جو کليل اظهار ڪندي انهن ڳالهين کي عملي جامو پهرائڻ سميت اڳتي وڌڻ جو سفر جاري رکي ۽ خواندگي جي حوالي سان پنهنجي علائقي ۽ پاڙي سميت جنهن جنهن تائين رسائي ٿي سگهي ٿي انهن ٻارڙن کي اسڪول تائين پهچائڻ لاءِ ڪوششون وٺي معاشري ۾ بهتر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو،استاد لفظ فارسي ٻوليءَ جي ٻن لفظن ”استا “۽ ”وڌ“جو مرڪب آهي جنھن جي معنيٰ آهي دانائي جو ڪتاب، شاگرد لفظ جو اشتقاق ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته شاگرد پڻ فارسي زبان جو لفظ آهي، شاگرد ٻن لفظن “شاھه” ۽ “گرد” جي ميلاپ سان ٺھيو آهي شاھه جي معنيٰ آهي بادشاهه ۽ گرد جي معني آهي بادشاهه جي چوڌاري ويهڻ وارو، يعني استاد بادشاهه آهي ۽ سندس راڄ شاگرد آهن. استاد جنھن کي ”قاضي“ ۽ ”آخوند“جهڙا لقب مليل آهن، استاد ڪنھن به معاشري کي سڌارڻ ۽ سيکارڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا، شاگرد لاءِ پڻ چوڻي آهي ته با ادب با نصيب، بي ادب بي نصيب، جن شاگردن پنھنجي روحاني پيءُ يعني استاد جي فرمانبرداري ڪئي اهي منزل مقصود تائين پهچي وڃن ٿا، اسلام استاد وڏو مان ۽ مرتبو ڏنو آهي، قرآن مجيد جي سورت الرحمان ۾ آهي ته ”رحمان قرآن جي تعليم ڏني، انسان ذات کي خلقيو، کيس پيار ڪرڻ سيکاريو“ رب ڪريم پاڻ کي استاد ۽ آدم کي شاگرد ڪوٺيو آهي، نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جو فرمان آهي ته مان معلم(استاد) ڪري موڪليو ويو آهيان، حضرت علي عليه السلام جن جو فرمان آهي ته ”جنھن مون کي هڪ اکر سيکاريو اھو منھنجو استاد آهي، وڻينس ته مون کي وڪڻي ڇڏي يا آزاد ڪري“ جاپان ۾ جڏھن هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي آمريڪا پاران ايٽم بم ڪيرايو ويو، ان خطرناڪ صورتحال ۾ جاپان جي حاڪم کي صرف اھو فڪر ھو ته استاد ڪٿي آهن استادن کي محفوظ ڪندي انھن کي بچايو وڃي اڄ ان جاپان ملڪ ۾ سموري دنيا جون منزلون طئي ڪندي ايجاد جي دنيا ۾ عوام کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ان ملڪ ۾ اھو ڪمال ان استادن جو ئي ھو جن پنھنجي ملڪ ۽ قوم سان سچائي، وفاداريءَ سان مخلص ٿي اتي اعليٰ سياستدان پيدا ڪري ملڪ کي جديد سائنسي ۽ فني ٽيڪنالاجي ڏئي دشمنن کي مات ڏئي مڃائي ڇڏيو، والدين کان پوءِ ٻار جو حقيقي وارث استاد آهي جنھن ٻار کي استاد نه آهي اھو اڻ پڙھيو ۽ اڻ گھڙيو سڏجي ٿو پڙهڻ ۽ ڪڙھڻ جو شوق اھو استاد ئي ڏياري ٿو، ڇاڪاڻ ته ميويدار وڻ ھميشه نوڙيل ھوندو آھن، پر افسوس ته اسان جي ملڪ ۾ استاد کي گھٽ درجي وارو سڏيو وڃي ٿو، ،استاد جي عزت ۽ مان کي برقرار رکندي انھن جي عزت ڪئي وڃي انھن جا جائز مسئلا حل ڪرائي سندن محرومي ختم ڪئي وڃي، جن ماڻهن پنهنجي استاد جي عزت احترام ۽ تعظيم ڪئي اهي دنيا جهان ۾ ڪامياب ڪامران ٿي ويا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو