14

ٻانڌي ۾ پٽڙي تي راند ڪندڙ ٻارڙي ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت، نياڻين کي بچائيندي ماءُ به جان واري ڇڏي

ٻانڌي (ويب ڊيسڪ) ٻانڌي ۾ عورت نياڻين کي ٽرين آڏو اچي جان واري ڇڏي، مراد علي جمالي ڦاٽڪ ڀرسان ٽرين جي پٽڙي تي راند ڪندڙ پنھنجن ٻن ڌيئرن کي ٽرين کان بچائيندي عورت گنگا باگڙي ٽرين جي ٽڪر ۾ موقعي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس 8 سالن جي نياڻي سانتو سخت زخمي ٿي پئي، جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان زخمي ٻارڙي کي نوابشاهه نيو ويو، جتي زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي، فوتي عورت  ۽ ٻارڙي جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، فوتي عورت جي سهري کي اسپتال اندر صدمي ۾ بيهوشي جا دورا پئجي ويا، جنهن کي طبي امداد ڏئي هوش ۾ آندو ويو، وارث رهي ته متاثر ڪٽنب جو تعلق سانگهڙ سان آهي، جيڪي ڀاڄيءَ جي مزدوري لاءِ ٻانڌي ۾ آيل هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو