351

ٻولين جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ۽ سنڌي ٻولي….

ليکڪ:  ڊاڪٽر مظھر علي ڏوتيو

انفارميشن ٽيڪنالاجي جي دور جتي دنيا کي هڪ ڊجيٽل يا عالمي ڳوٺ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٻولين کي عالمي بڻائي رهيو آهي، اتي دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين کي ختم ڪري ان سان لاڳاپيل قومن ۽ سماجن جي سڃاڻپ به ختم ڪري هيو آهي. تنهنڪري هن دور ۾ اهي  ٻوليون زنده رهي سگهنديون جيڪي سماج ۾ لکيون، پڙهيون ۽ ڳالهايون وڃن ٿيون ۽ جن جي ذريعي ان ٻولي سان لاڳاپيل فردن کي تعليم ۽ تربيت ڏني وڃي ٿي. ٻولي هر قوم ۽ سماج لاءِ ساهه جي حيثيت رکي ٿي، تنهنڪري ٻولي نھ صرف ڳالھائڻ جو هڪ ذريعو آھي پر ٻولي قومن ۽ سماجن جي سڃاڻپ پڻ آھي. ٻولي جي ذريعي نھ صرف اسان پنھنجا جذبا، خيال، نظريا، ڳالھيون وغيرھ هڪ ٻئي سان ونڊيون ٿا يا بيان ڪريون ٿا پر ٻولي اسان جي شخصيت، اخلاق، ريتن رسمن، اٿڻي ويھڻي وغيرھ  کي پڻ ظاھر ڪري ٿي. تنھنڪري پنھنجي قومي ٻولي کانسواءِ ڪو بھ فرد مڪمل آزاد  ھئڻ سان گڏ و گڏ قومي ۽ عالمي سڃاڻپ نٿو رکي سگھي، پر ھو پنھنجي تھذيب ۽ ثقافت کي ھميشھ لاءِ وڃائي ڇڏي ٿو، گڏيل قومن جو ھڪ ذيلي ادارو يونيسڪو ماڻهو، ان سان لاڳاپيل سماج، قوم، تھذيب، ۽ ثقافت جي سڃاڻپ کي بچائڻ لاءِ 2000ع کان وٺي ھر سال 21 فيبروري تي ٻولين جو عالمي ڏينھن ملھائي ٿو، جنھن ذريعي ماءُ جي ٻولي ، جيڪا سماج ۾ ڳالھائجندڙ ماڻھن جي قومي ٻولي ھوندي آھي، ان جي اھميت، تاريخ ۽ حيثيت کي ھميشھ زندھه رکڻ لاءِ مختلف فورمن ۽ پليٽ فارمن تي مختلف قسم جا پروگرام ڪرائي ٿو ۽ ماڻھن، سماجن ۽ قومن ۾ پنھنجي ٻولي جي اھميت کي سڃاڻڻ جي لاءِ شعور ۽ سڄاڳي پيدا ڪري ٿو. هن ڏينھن کي ملھائڻ جي رٿ گڏيل قومن جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڪوفي عنان جي دور ۾ ڏني وئي هئي. ڪوفي عنان، بنگالين جي تحريڪ جيڪا بنگالي ٻولي جي بچاءَ لاءِ شروع ڪئي وئي ھئي جي بنياد تي ھڪ ڪينيڊين بنگالي رفيق الاسلام طرفان 1998ع ۾ لکيل خط جو نوٽيس وٺندي، ان جي بنياد تي ھڪ منصوبو ٺاھيو هيو جنهن کي 1999ع ۾ يونيسڪو جنرل ڪانفرنس ۾ پيش ڪري منظور ڪيو ويو. اھڙي طرح ھر سال 21 فيبروري تي دنيا ۾ ٻولين جو عالمي ڏينھن ملھائڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ پھريون مادري ٻولين جو عالمي سال 2000ع ۾ ملھايو ويو. يونيڪسو ھر سال ٻولين جو سال ملھائڻ جو موضوع پڻ بيان ڪندو آھي تھ جيئن پوري دنيا ان موضوع تحت گڏجي ٻولين جو عالمي ڏينھن ملھائي سگھي. 2020ع جو موضوع ھو ”سرحدن کانسواءِ ٻوليون“، جنھنجو مطلب ٿيو تھ ٻولين کي ڪن خاص سرحدن يا علائقن يا ملڪن تائين محدود نھ ڪريو پر انھن کي انھن جي بناوٽ ۽ اھليت مطابق جيئڻ ۽ وڌڻ ڏيو ڇاڪاڻ ته ٻوليون آزاد ۽ سرحدن کان پاڪ هونديون آهن، 21  فيبروري 2021ع تي ٻولين جو عالمي سال ملھائڻ لاءِ جيڪو موضوع چونڊيو ويو آھي سو آھي ”معاشري ۾ گهڻ زبانن جي بنيادي تعليم کي واڌ ڏيڻ“ ھي ھڪ اھم موضوع آھي جنھن ذريعي دنيا جي سمورن ملڪن کي ٻڌايو ويندو ته ماڻھن کي انھن جي پنھنجي ٻولي يعني اھا ٻولي جيڪا انھن جي سماج ۾ ڳالھائي وڃي ٿي يا انھن جي صوبي يا رياست جي ٻولي آھي، ان ٻولي ۾ تعليم ڏني وڃي تھ جيئن دنيا جون ٻوليون گھڻي عرصي تائين زندھ رھي سگھن ۽ لسانياتي گوناگونيت يا لنگوئسٽڪ ڊائورسٽي به ترقي ڪري سگھي، پر ھن وقت دنيا ۾ لسانياتي گوناگونيت کي گھڻو خطرو آھي ڇاڪاڻ تھ دنيا جون ڪيتريون ئي ٻوليون نھ ڳالھائڻ ۽ لکڻ جي ڪري ختم ٿينديون پيون وڃن. اقوام متحدھ جي ھڪ رپورٽ مطابق ھن وقت دنيا جون 40 سيڪڙو اهڙيون ٻوليون آهن، جيڪي تعليم حاصل ڪرڻ جو ذريعو نه آهن، تنهن ڪري انهن ٻولين جي ختم ٿيڻ جو خطرو موجود آھي. يونيسڪو جو خيال آھي تھ بنيادي تعليم ٻار کي ان جي پنھنجي مادري ٻوليءَ ۾ ڏيڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تھ ننڍپڻ ۾ ٻار جي تربيت ۽ تعليم مادري ٻولي ۾ ٿيڻ ئي ان جي حقيقي تعليم آھي. منھنجي خيال ۾ مادري ٻولي اصل ۾ اسان جي سماج جي ٻولي آھي، نھ ڪي ڪنھن خاص ذات يا قبيلي جي ٻولي. اسان کي پنهنجي ٻارن کي ان ٻوليءَ ۾ بنيادي تربيت ۽ تعليم ڏيڻ گھرجي جيڪا ٻولي اسان جي سماج ۾ ڳالھائي وڃي ٿي. دنيا جا اڪثر معاشرا ان لاءِ تباھ ٿي ويندا آھن جو اھي پنھنجي ٻولي ۾ تعليم حاصل نھ ڪري سگھندا آھن، اھڙي طرح انھن معاشرن سان لاڳاپيل قومون بھ پنھنجي سڃاڻپ ۽ نالو نشان وڃائي ويھنديون آھن. ٻولي جي ماھرن جي بھ اھا راءِ آھي تھ ٽيڪنالاجي جي تيز رفتاريءَ سان ترقي ۽ عالمگيريت جي اثر جي ڪري ايندڙ ڪجهه ڏھاڪن ۾ ٻولين جي اڪثريت مري ويندي يا ختم ٿي ويندي. موجوده دور گهڻ ٻولين ڳالهائڻ جو دور آهي جنهن ۾ انگريزي زبان لنگئا فرئنڪا طور استعمال ٿئي ٿي. هن وقت تعليم، واپار، ۽ روزگار کي حاصل ڪرڻ لاءِ انگريزي ٻولي کي پوري دنيا ۾ استعمال ڪيو وڃي پيو. اهڙي طرح انگريزي ٻولي جي ڄاڻ هر ان ماڻهو لاءِ ضروري آهي جيڪو تعليمي ۽ پيشيوارانه طور ڪاميابي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. ان عمل سان دنيا جون اڪثر ٻوليون ۽ ثقافتون مري رهيون آهي يا ختم ٿي رهيون آهن. تنهنڪري دنيا جا ڏاها ماڻهو ۽ يونيسڪو ان خيال جا آهن ته دنيا جي ٻولين ۽ انهن سان لاڳاپيل ثقافتن ۽ سماجن کي بچائڻ جو بهتر طريقو اهو آهي ته انهن سماجن ۽ قومن جي ٻارن کي مادري ٻوليءَ ۾ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ڏني وڃي، اهڙي طرح هڪ اهڙي پاليسي جوڙي وڃي جنهن ذريعي اهو واضح ڪيو وڃي ته فردن کي تعليم انهن جي مادري ٻولي ۾ ڏني ويندي. ان پاليسي کي لاڳو ڪرڻ لاءِ رياست فعال ڪردار ادا ڪري ۽ استادن ۽ درسگاهن کي ذميوار ڪيو وڃي ته هو ان پاليسي تي مڪمل عمل ڪن، پاڪستان هڪ گهڻ ٻوليون ڳالهائيندڙ ملڪ آهي جتي ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون جن مان ٿوريون ڪي ٻوليون آهن جيڪي تعليم واري نظام ۾ شامل آهن يعني اهي ٻوليون تعليم حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهن. ڊجيٽل دور ۽ ملڪ ۾ ڪا مضبوط ٻولي جي پاليسي نه هجڻ جي ڪري هن وقت پاڪستان جون اصلي ٻوليون تعليم واري نظام مان نڪرنديون پيون وڃن، شهرن جي تعليمي ادارن مان هتان جون اصلي ٻوليون غائب ٿينديون  پيون وڃن، جنهنڪري انهن ٻولين سان لاڳاپيل قومن ۽ سماجن جي وجود، بقا ۽ سڃاڻپ کي گهڻو نقصان ٿي رهيو آهي، ان سلسلي ۾ حڪومتي ادارن تي واجب ٿئي ٿو ته هو گڏيل قومن جي پاليسين تي عمل ڪندي، هتان جي اصلي ٻولين کي بچائڻ لاءِ ڪو فعال ڪردار ادا ڪن ۽ هڪ واضح ٻولين جي پاليسي ٺاهن جنهن ذريعي هتان جي اصلي ۽ تاريخي ٻولين کي تعليم جي حصول جو ذريعو بڻايو وڃي، جيئن انهن ٻولين ۽ انهن سان لاڳاپيل قومن ۽ سماجن کي بچائي سگهجي.سنڌي ٻولي جيڪا نه صرف پاڪستان پر دنيا جي پراڻي ۽ اصلي ٻولي آهي سا به تعليمي نظام مان آهستي آهستي نڪرندي وڃي پئي. هڪ طرف سنڌ جي وڏن شهرن جي اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم نٿي ڏني وڃي ته ٻئي طرف ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سنڌي ٻولي ۾ معياري تعليم مهيا نه پئي ڪئي وڃي جنهنڪري نئون نسل سنڌي لکت کي پڙهي نٿو سگهي ۽ پنهنجي سڃاڻپ کي ختم ڪري رهيو آهي، دنيا جا ترقي يافته ملڪ تعليم پنهنجي ٻولي ۾ ڏئي رهيا آهن مثال طور يورپ، آمريڪا، فرانس، جرمني، چين ۽ ايران وغيره. پنهنجي مادري ٻولي ۾ تعليم ڏئي رهيا آهن. ان عمل جي ڪري انساني نيوران چستي سان ڪم ڪن ٿا ۽ گهڻي عرصي تائين پڙهيل ۽ ٻڌل ڳالهين يا سبقن کي محفوظ بڻائي رکن ٿا، جنهن سبب ٻار وڌيڪ هوشيار ۽ ذهين ٿين ٿا. جڏهن ته مادري زبان کان سواءِ ٻين ٻولين ۾ پڙهڻ سان سبق ۽ ڳالهيون وغيره گهڻو وقت ياد نٿيون رهن. گڏيل قومن جي صلاح مطابق به تعليم مادري ٻوليءَ ۾ ڏيڻ گهرجي ته جيئن ٻولين ۽ ان سان لاڳاپيل قومن ۽ سماجن جو وجود بچي سگهي، تنهنڪري اسان سڀني جي ذميواري آهي ته اسان گهرن، بازارن ۽ ڪچهرين ۾ سنڌي ٻولي ۾ ڳالهائڻ سان گڏ مختلف قسم جي درسگاهن ۾ به پنهنجي ٻارن کي بنيادي يا پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم سنڌي ٻولي ۾ ڏياريون، جڏهن ته انگريزي ٻولي ٻئي درجي جي ٻولي طور پنهنجي ٻارن کي سيکاريون. ان سان سنڌي ٻولي هميشه زندهه رهندي ۽ اسان سڀني جي سڃاڻپ به قائم رهندي، ٽيڪنالاجي جي ترقي خاص ڪري مشين جو هر شعبي ۾ شامل ٿيڻ ۽ اُتي پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪري دنيا جون ڪيتريون ئي ٻوليون خطري ۾ آهن پر ساڳئي وقت دنيا جون ڪيتريون ئي اهڙيون ٻوليون به آهن جيڪي مشين جون ٻوليون بڻجن پيون، جنهن سان انهن ٻولين جو وجود قائم رهندو، اسان جي خوشنصيبي آهي ته سنڌي ٻولي به مشين جي ٻولي بڻجي رهي آهي ۽ يونيورسل ڊپينڊنسي فريم ورڪ ۾ مئي 2020ع ۾ شامل ٿي چڪي آهي، يونيورسل ڊپينڊنسي فريم ورڪ گوگل ۽ اسٽينفورڊ يونيورسٽي جو هڪ گڏيل پروجيڪٽ آهي، جيڪو ڪمپيوٽيشنل لسانيات جي اصولن مطابق ٻولين کي مشين جي ٻولي بڻائڻ سان گڏ عالمي ٻولي بڻائي رهيو آهي، تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي ٻولي ذريعي پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ سان گڏ پنهنجي ٻولي ۾ ڳالهايون ۽ لکون ته جيئن اسان جي ٻولي به دنيا جي ترقي ڪندڙ ٻولين وانگر هميشه زندهه رهي سگهي ۽ ترقي ڪندي رهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو