10

ٻيٽن بابت آرڊيننس تي سنڌ جو آواز ٻڌڻو ئي پوندو…

ايڊيٽوريل

وفاقي حڪومت سنڌ ۽ سنڌ جي عوام جي سخت احتجاجن ۽ مخالفت باوجود ڪراچي جي ٻيٽن تي شهر اڏڻ واري موقف تي اڃا به قائم آهي، گذريل ڏينهن وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٻيٽن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان آئلينڊ اٿارٽي ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽيز پاران ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي شهر اڏڻ بابت منصوبن تي اڳڀرائي بابت وزيراعظم کي بريفنگ ڏني آهي، اجلاس ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل وڊيو ذريعي لنڪ شريڪ ٿيو آهي، اجلاس دوران خطاب ڪندي وزيراعظم چيو آهي ته سنڌ جي سامونڊي پٽي جا ٻيٽ شهر اڏڻ لاءِ موزون آهن، هن چيو ته سامونڊي پٽي تي شهر اڏڻ سان سياحت ۾ واڌ سان گڏ سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ٿيندا، ۽ ٻنهي منصوبن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيڻ سان معيشت ۽ عام ماڻهن جي زندگي بهتر ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان جي سامونڊي پٽي عالمي معيار جي شهرن جي اڏاوت لاءِ بهتر آهي، جڏهن ته وفاقي وزير علي زيدي ان معاملي تي چيو آهي ته ٻيٽ وفاق جي ملڪيت آهن، اها ته وزيراعظم جي شرافت آهي ته هن سنڌ کان اجازت گهري آهي.

خبر نه آهي ته ڇو هيءَ حڪومت هر مسئلي کي انا ۽ ضد جي ور چاڙهي ڇڏي ٿي، اسان سمجهون ٿا ته هي معاملو ايترو آسان نه آهي، جيترو ان کي سمجهيو پيو وڃي، هي هڪ صوبي جي وحدت جو مسئلو آهي، نه صرف ايترو پر هن منصوبي سان ڪيترائي ماحولياتي ۽ نباتاتي معاملا پڻ ڳنڍيل آهن، ان ڪري ان قسم جا تڪڙا فيصلا يقينن ملڪ جي لاءِ ڪنهن به حوالي سان لاڀائتا نه ٿا ٿي سگهن، گڏوگڏ موجوده حڪومت جيڪا پاڻ کي چونڊيل جمهوري حڪومت چوي ٿي ان کي هن ملڪ جي آئين ۽ قانون جي پاسداري به جمهوري حڪومت وانگر ڪرڻ گهرجي ڄاڻايل ٻيٽ آئيني ۽ قانوني طور سنڌ جي ملڪيت آهن، اسان سمجهون ٿا ته وفاقي وزير علي زيدي کي به اها خبر آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ هئي ۽ ڄاڻايل زمين ۽ ملڪيتون به سنڌ جون هيون، آهن ۽ رهنديون ۽ وزيراعظم به انهن آئيني ۽ قانوني تقاضائن تحت سنڌ حڪومت کان اجازت گهري آهي، جڏهن عدالت ۾ اهو معاملو ٻڌڻي هيٺ آيو ته وفاق جي اٽارني جنرل پڻ عدالت ۾ اها لکت ڏني ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، اسان سمجهون ٿا ته هن معاملي تي ان قسم جا تڪراري بيان ڏئي وفاقي وزير ملڪ جي خدمت نه پيو ڪري پر معاملي تي وفاق ۽ صوبي جي وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ۾ ٻرندي تي تيل هارڻ وارو ڪم ڪري رهيو آهي، قومي نوعيت جي سمورن معاملن کي فهم، سنجيدگي ۽ اتفاق راءِ سان حل ڪيو ويندو آهي، اسان هتي بار بار اهو لکي چڪا آهيون ته سنڌ ترقي جي مخالف نه آهي پر رات جي پيٽ ۾ صدارتي آرڊيننس آڻڻ ٻن صوبائي اسيمبلين پاران اهڙي آرڊيننس کي رد ڪرڻ باوجود ان کي ان نظر سان ڏسڻ بدران ضد جي بنياد تي شين کي جيئن جو تيئن جاري رکڻ سان اهڙي قومي منصوبي کي شڪي بڻايو پيو وڃي ۽ وفاق جي اهڙن فيصلن سان سنڌ سميت ننڍن صوبن ۾ اڳ ئي پيدا ٿيل احساس محرومي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، اسان سمجهون ٿا ته وفاق کي ٻيٽن بابت صدارتي آرڊيننس تي هڪ ڀيرو ٻيهر سنجيدگي سان سوچي ان کي رد ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اها ملڪ جي ٻن صوبن جي عوام جي گهر آهي اسان اهو به سمجهون ٿا ته ترقي جي نالي تي صوبن جي عوام جي راءِ کي لتاڙي انهن جي وحدت کي اورانگهي ڪيل فيصلا ڪنهن به طور تي قبوليت نه ماڻي سگهندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو