14

ٻچا بُک تي هجڻ ڪري چوري ڪئي، پوليس تشدد ڪري ماري ڇڏيندي: دادو عدالت ۾ قيدي جون اُڀ ڏاريندڙ دانهون

دادو (ڊ ر) ڦلجي اسٽيش پوليس پاران منشيات جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيل اصغر پٽ محمد قاسم پنهور کي رمانڊ لاءِ عدالت ۾ آندو ويو ته اصغر پنهور پوليس تشدد خلاف دانهون ۽ رڙيون ڪيون ته پوليس کيس وحشياڻو تشدد ڪري ماريندي خدا جي واسطي مون کي بچايو وڃي سندس دانهن تي عدالتي احاطي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهون گڏ ٿيڻ تي اهلڪار گرفتار ڪيل کي چماٽون هڻي گهليندا کيس ٻاهر ڪڍيو. ان دوران نوجوان فرش تي ڪري پيو ۽ دانهون ڪندي چيو ته سندن گهر ۾ اٽو ، چانور ، گيھ ، سبزي نه هئي معصوم ٻچا بکون ڪاٽي رهيا هئا سندن بک برداش نه ٿي سگهي ان ڪري مان پنهنجن مائٽن جو ڪاٺ وارو دروازو واقعي چوري ڪيو پوليس گرفتار ڪري منهنجي مٿان مون کان ڀنگ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري سڄي رات مون تي تشدد ڪندي رهي خدا جي واسطي پوليس کان بچايو وڃي منهنجا ٻچا بک تي آهن. جنهن کانپوء پوليس کيس ٻيهر رمانڊ لاء سيڪنڊ سول جج جوهي ايٽ دادو فرمان علي تڳڙ جي عدالت ۾ پيش ڪيو عدالت اصغر علي پنهور کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ڊسٽرڪٽ جيل دادو حوالي ڪرڻ جا حڪم ڏنا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو